11 منگل , دسمبر 2018

ڪوئيٽا ۾ اڳوڻو ڊي آءِ جي پوليس گوليون هڻي قتل

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا جي علائقي اسٽنٽ جونيئر ڪالوني ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ اڳوڻو ڊي آءِ جي پوليس محمد نعيم ڪاڪڙ مارجي ويو. پوليس موجب نعيم ڪاڪڙ سومهڻي جي نماز پڙهي گهر وڃي رهيو هو ته اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوارن مٿس فائرنگ ڪئي ۽ فرار ٿي ويا. زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سي ايم ايڇ منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو. واقعي کانپوءِ پوليس جي وڏي نفري پهچي علائقي جو گهيرو ڪري ورتو. واردات واري هنڌان 22 بور جا 5 خول هٿ آيا آهن، اهي ئي هٿيار اڳ ۾ نوان ڪلي ۽ طوغي روڊ تي پوليس اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ استعمال ٿيا. نعيم ڪاڪڙ ايس ايڇ او گوال منڊي نثار ڪاڪڙ جو پيءُ هو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي پيڪ سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري جو بهترين نمونو آهي: چيني سفير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ مقرر چينيڌ سفير يائو جنگ چيو آهي ته سي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے