15 ہفتہ , دسمبر 2018

پشاور ۾ ٻن عورت ايم پي ايز جو چالان

پشاور (ويب ڊيسڪ) ڪي پي پوليس قانون جي ڀڃڪڙي تي ٻن عورت اسيمبلي ميمبرز جي گاڏي جو چالان ڪري ڇڏيو. پشاور ۾ رنگ روڊ تي ڊيوٽي ڏيندڙ ٽريفڪ پوليس اهلڪارن قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ هڪ گاڏي کي روڪيو، جنهن ۾ ٻه صوبائي اسيمبلي ميمبرز به موجود هيون. پوليس موجب گاڏي عورت اسيمبلي ميمبر جو مڙس هلائي رهيو هو، کيس سيٽ بيلٽ به نه ٻڌل هو. گاڏي ۾ ايم پي اي فلڪ ناز ۽ هڪ ٻي ايم پي اي ويٺل هيون، جن پنهنجو تعارف ڪرايو پر ان باوجود اهلڪار قانون موجب سندن ٻه سئو رپين جو چالان ڪاٽي ڇڏيو. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته رنگ روڊ تي هيل تائين قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ 50 پارليامينٽيرين جو چالان ٿي چڪو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهرو وزارت زلفي بخاري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت وزير اعظم جي سمنڊ پار پاڪستانين بابت خاص مددگار زلفي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے