11 منگل , دسمبر 2018

ڪراچي ۾ هڪ هفتي دوران 13 پوليس مقابلا، 4 ڦورو مارجي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي پوليس گذريل هڪ هفتي جي مجموعي ڪارڪردگي تي ٻڌل رپورٽ  جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب 13 مقابلا ڪيا ويا، جن ۾ 4 ڦورو مارجي ويا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پوليس هڪ هفتي ۾ 13 مقابلا ڪيا، جنهن دوران 4 ڦورو مارجي ويا. پوليس ترجمان موجب ڇاپن دوران گذريل هڪ هفتي ۾ 11 ڏوهاري گروهن جو خاتمو ڪيو ويو، جڏهن ته 1692 جوابدارن کي گرفتار به ڪيو ويو، جن ۾ 4 قاتل، 8 ڀتي خور، 21 ڦورو، 216 منشيات فروش، 126 غير قانوني هٿيار رکندڙ ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث 1042 شامل آهن. پوليس ترجمان ٻڌايو ته 248 مفرور ۽ 27 گهربل اشتهاري ڏوهارين کي به گرفتار ڪيو ويو، جن جي قبضي مان 138 پسٽول، ريوالر، 8 رائفلون، هڪ ايس ايم جي هٿ ڪئي وئي. جوابدارن وٽان هڪ هينڊ گرنيڊ سميت ڪُل 147 هٿيار هٿ ڪيا ويا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

حددخلين خلاف آپريشن: عدالت مان انصاف جي اميد آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب حددخلين خلاف جاري آپريشن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے