15 ہفتہ , دسمبر 2018

رپورٽ : آرٽيڪل 26 رڳو پ پ ۽ نون ليگ تي لاڳو ڪيو ويو آهي: ناصر حسين شاهه

جيل کاتي واري صوبائي وزير  ناصر حسين شاهه چيو آهي ته هتي دهشتگردن تي  پي رول ملي وڃي ٿو پر  عام قيدين  کي نه ٿو ملي .

لاڙڪاڻي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جيل کاتي واري صوبائي وزير  ناصر حسين شاهه چيو ته لاڙڪاڻي ، سيوهڻ ۽ حيدرآباد قومي شاهراهه  لاءِ وفاقي حڪومت کي 7 ارب رپيا  فراهم ڪيا .

صوبائي وزير چيو ته  آرٽيڪل 26 رڳو پ پ ۽ نون ليگ تي لاڳو ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته  لاڙڪاڻي جيل  سميت  سڄي سنڌ  جي جيلن  جا ترقياتي ڪام جاري آهن ، سنڌ ۾  نوان  جيل ٺاهڻ جا ڪم به غور هيٺ آهن .

ناصر حسين شاهه چيو ته احتساب شروع ڪيو ته پهريان پي ٽي آءِ کان شروع ڪيو وڃي ،40 سيڪڙو ماڻهو پي ٽي آءِ  جا ماڻهو نيب متاثر   آهن.

هن چيو ته گورنر  جو ڪم  وفاقي حڪومت ۽ صوبائي  حڪومت وچ ۾ پل جو ڪردار هوندو آهي.

سندس چوڻ هو ته  جيل مينيوئل  موجب  قيدين جي عدليه ۾ حاضري کي يقيني  بڻائڻ جا قدم کنيا آهن .

صوبائي وزير چيو ته نيب جون ڪارروايون  پيپلزپارٽي لاءِ نئين ناهي ، ڪيس اهڻ سولا آهن پر  انهن کي ثابت ڪرڻ  ڏکيو هوندو آهي .

صوبائي وزير چيو ته عليمه سميت ٻين وٽ شوڪت خانم جي چندي جا پئسا  آهن.

سندس چوڻ هو ته  لاڙڪاڻي شهر جو معائنو ڪيو آهي ، اسٽريٽ ۽ روڊ ڊولپمينٽ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:بدين: عوامي آواز جي خبر تي جج جو نوٽيس، سي ايم او کان رپورٽ طلب

ڊسٽرڪٽ سيشن جج بدين جاويد احمد بلوچ  عوامي آواز  جي خبر تي شهر ۾ گندگيءَ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے