10 پیر , دسمبر 2018

رپورٽ: خيرپور: 50 لک گهر ۽ ڪروڙ نڪريون ڏيڻ واري دعويٰ کي يوٽرن سمجهيو وڃي:نفيسھ شاهه

*پ پ ايم اين اي نفيسه شاهه چيو آهي ته  مينهون ۽ گاڏيون کپائڻ سان ملڪ نه هلندو، ملڪ سٺي حڪمراني سان هلندو، هن وقت پاڪستان ڏکئي وقت مان گذري رهيو آهي.

   خيرپور جي سچل آڊيٽوريم ۾ ريڊيو پاڪستان خيرپور جي تازو چونڊيل يونائيٽيڊ اسٽاف يونين جي عهديدارن کي حـلف کڻائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي نفيسه شاهه چيو ته بيان بدلائيندڙ ليڊر تي ڪهڙو يقين ڪجي جيڪو هميشه ڳالهه تان ڦري وڃي، 50 لک گهر ۽ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ واري وزيراعظم جي دعويٰ کي به يوٽرن سمجهيو وڃي.

 هن چيو ته وزيراعظم ملڪي ادارن کي ٺاهڻ بجاءِ کپائڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، وزيراعظم هائوس کي يونيورسٽي بنائڻ بجاءِ ملڪ جي يونيورسٽين کي فنڊ جاري ڪري ته جيئن يونيورسٽيون مالي بحران مان نڪري سگهن.

ان کان اڳ نفيسه شاهه ريڊيو پاڪستان جي تنظيم جي نئين چونڊيل صدر حميدالله سيال، محمد ملوڪ، سيد اڪبر شاهه سميت سموري باڊي کان حلف وفاداري کڻايو تقريب ۾ ريڊيو پاڪستان جي ملازمن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽  آخر ۾ محفل موسيقي پڻ ٿي جنهن ۾ ناليوارن راڳين فن جو مظاهرو ڪيو……………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ٺٽو: سٽي جي واپاري ايسوسيئشن ۾ سخت اختلاف، ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي

ٺٽي سٽي جي واپاري ايسوسيئشن ۾ سخت اختلاف ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي، هڪ ڌڙي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے