23 بدھ , جنوری 2019

چورن ۽ لٽيرن ملڪي معيشت کي بگاڙي ڇڏيو آهي: شيخ رشيد

لاهور (م ڊ ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته چورن، لٽيرن ملڪي معيشت کي بگاڙي ڇڏيو جنهن کي درست ڪرڻ لاءِ 100 ڏينهن ناڪافي، گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال لڳندو، فالودي، شربت ۽ ويلڊنگ وارن جي مٿي تي کيڏندڙ جيل ويندا، ايندڙ سال مارچ تائين صفايو ٿي ويندو، ڦٻايل دولت جي واپسي سولو ڪم ناهي پر ڪجهه ملڪن مان اطلاع آهي ته ڦٻايل دولت واپس اچي رهي آهي. چوڌري نثار علي خان ن ليگ يا پي ٽي آءِ ۾ نه پيو وڃي. هو ڇنڇر تي ريلوي هيڊ ڪوارٽرز لاهور  ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي ريلوي جا ٻيا آفيسر به موجود هئا، شيخ رشيد احمد چيو ته  موجوده صورتحال ۾ وزيراعظم عمران خان جهڙي ريت معاملن کي اڳتي کڻي وڃي رهيو اهي، وفاقي وزير چيو ته شاليمار اسپتلا، رائل پام ۽ بزنس ٽرين جي ڪيسز کي فاسٽ ٽريڪ تي آڻڻ لاءِ نيب کي درخواست ڪري رهيا آهيون جڏهن ته چيف جسٽس آف پاڪستان جي سامهون به ريلوي سيڪريٽريم جي ايم ريلوي سان پيش ٿي ريلوي کي ڦريندڙن خلاف ڪارراوئي جي استدعا ڪنداسين، هن چيو ته روهڙي ريلوي اسٽيشن تي نئون پليٽ فارم ٺاهي رهيا آهيون ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽرينون روهڙي ۾ بيهنديون آهن، ريلوي اسٽيشن تي 100 دڪان ۽ پلازه به ٺاهينداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسٽيل مل نجڪاري لسٽ مان خارج، بحالي جي رٿابندي ڪئي آهي:گورنر سنڌ

ملير (رپورٽ : جميل چانڊيو) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته پاڪستان اسٽيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے