13 جمعرات , دسمبر 2018

ڪينجهر مان بدين ۽ ٺٽي کي پاڻي فراهم ڪنداسين، ڪي فور رٿا بحريا ٽائون کي ڏيڻ جي ڳالهه غلط آهي: مراد علي شاهه

ٺٽو / جنگشاهي ( رپورٽ : شبير ڀٽي+ ظهير پليجو  )سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪي فور منصوبي ۾ وفاق پاران دير سان مدد ڪرڻ ۾ منصوبي جي مڪمل ٿيڻ ۾ وقت لڳو آهي ۽ منصوبي جي بجيٽ 32 ارب مان وڌي 75 رپيا ٿي وئي آهي، منصوبي ۾ بي پناھ اضافو ٿيو آهي، وفاق سان منصوبو مڪمل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ مدد گھري آهي، جنهن لاءِ وفاقي وزير پاڻي ۽ بجلي فيصل واوڊا خاطري ڪرائي آهي، سنڌ حڪومت منصوبي لاءِ گهربل زمين جي حصول لاءِ 5 ارب رپيا مختص ڪيا آهن، جنهن مان  3.8 ارب رپيا جاري ٿي چڪا آهن، ڪي فور منصوبي جا ٽي مرحلا آهن جنهن سان ڪراچي کي 650 ايم جي ڊي پاڻي مهيا ٿيندو، پهرين مرحلي 260 ايم جي ڊي پاڻي ڪراچي کي فراهم ڪيو ويندو، ڪينجھر ڍنڍ مان ڊي سيلينيشن ذريعي ٺٽي ۽ بدين ضلعن کي پاڻي فراهم ڪيو ويندو، جنهن لاءِ مون سي سي آءِ ۾ پڻ موقف رکيو آهي. گذريل ڏينهن جھمپير ڀرسان ڪينجھر ڍنڍ مان ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ 2 سال اڳ شروع ڪيل ڪي فور منصوبي جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته ڪي فور منصوبي جي 2014 جي پي سي ون جي حساب سان 25.551  رپيا لاڳت مان 50 سيڪڙو وفاق کي  ڏيڻا هئا پر هاڻي ڇاڪاڻ جو وقت گذرڻ سان منصوبي جي لاڳت ۾ اضافو ٿي ويو آهي ۽ هاڻي ان تي اٽڪل 75 ارب رپيا لاڳت ايندي، منصوبي جي ڊيگهه 121 ڪلو ميٽر آهي  ۽ ان لاءِ 50 ميگا واٽ جو پاور پلانٽ  لڳائڻ جي ضرورت آهي جنهن لاءِ نيپرا سان ڳالهه ٻولهه  شروع ٿي چڪي آهي ۽ انهيءَ حساب سان وفاق کي حصو ڏيڻو آهي جنهن لاءِ اسان وفاقي وزير فيصل واوڊا سان به ڳالهايو آهي ۽ هوُ به منصوبي لاءِ اسان کي سپورٽ ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسين هن جي آخري فزيبليٽي ٺاهي رهيا آهيون جنهن ۾ ايف ڊبليو او ۽ واٽر بورڊ جا ماهر حصو وٺي رهيا آهن جيڪي فزيبيلٽي  تيار ڪندا، هن چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته اسين ڪي فور  منصوبو بحريا ٽائون کي ڏيئي رهيا آهيون،  ڪي فور منصوبي جو سندس اهو ٻيو دورو آهي. هن چيو ته 2 سال اڳ  شروع ٿيندڙ ڪي فور منصوبي ۾ وقت جي گذرڻ سان ڪافي مسئلا سامهون آيا آهن. جڏهن ته ڪراچي کي پاڻي پهچائڻ لاءِ ان کان علاوه ڪو منصوبو نه آهي، اميد ته منصوبي کي مڪمل ڪرڻ ۾ وفاقي حڪومت مدد ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ سنڌ کي وڌيڪ پاڻي ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي ته جيئن اسين ان منصوبي وسيلي ڪراچي جي رهواسين کي پاڻي فراهم ڪري سگهون. هن چيو ته اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جيئن ڪينجھر مان ٺٽي ۽ بدين کي پاڻي فراهم ڪري سگھون، سنڌ حڪومت ان تي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت اڳئي رقم جاري ڪرڻ ۾ سستي ڪئي هئي پر گذريل سال وفاق بجيٽ ڏني آهي. هن چيو ته ڪي فور منصوبي ۾  وقت ته  ضرور لڳو آهي پر ڪراچي جي رهواسين کي انهيءَ منصوبي مان پاڻي مهيا ٿيندو. ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير ايف ڊبليو او جي ڪمانڊر برگيڊيئر مصطفيٰ جمالي  کان ڪي فور منصوبي بابت تفصيلي بريفنگ ورتي. ان موقعي تي صوبائي وزير سعيد غني، ڊي سي ٺٽو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جي خاتمي لاءِ وفاق سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ کاري پاڻي کي مٺو ڪري سنڌ ۾ پاڻي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ھن چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ جو وڏو مسئلو ڪي فور منصوبي ذريعي حل ٿي ويندو پر ان لاءِ ڪجهه فني سببن جي ڪري خرچ جي لاڳت ۾ اضافو ٿيو آهي، ڪي فور منصوبي جي ٽن مرحلن ذريعي ڪراچي کي پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو ويندو، جنهن جي پهرين مرحلي ۾ 260 ملين گيلن پاڻي فراهم ڪيو ويندو ۽ ٻئي مرحلي ۾ 750 ملين گيلن پاڻي فراهم ڪري سگهبو،  وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته ٺٽي کي ڪينجهر مان پاڻي ڏيڻ سميت کاري پاڻي کي مٺو ڪري ٺٽي ۾ پاڻي جي کوٽ وارو مسئلو حل ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ جو ٺٽي ۾پاڻي جي کوٽ وڌيڪ آهي. ھن وڌيڪ چيو ته ڪي فور منصوبي تي 70 کان 75 ارب روپيا خرچ اچي سگهن ٿا، جنهن لاءِ معاملو سي سي آءِ ۾کنيو آهي، ۽ ايڪنڪ کان پڻ ان لاءِ منظوري ورتي ويندي، ته جيئن وفاق وڌيڪ فنڊنگ ڪري ۽ ڪي فور جو منصوبو جلد مڪمل ٿي سگھي.  وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وڏيڪ چيو ته وفاقي وزير پاڻي ۽ بجلي سان پڻ ان حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.06

ملير (جميل چانڊيو وٽان) وڏي وزير سيد مراد علي چيو آهي ته قائد آباد ڌماڪي جي مڪمل جاچ تائين ڪجهه نٿا چئي سگهون، جاچ ڪرڻي آهي ته ڌماڪي جي نوعيت ۽ نشانو ڪير هو. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه قائد آباد ڌماڪي ٻن ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ڌماڪي ۾ 12 ڄڻا زخمي ٿيا جن مان 10 کي طبي امداد کانپوءِ فارغ ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.وڏي وزير چيو ته قائد آباد مان وڌيڪ هڪ ٻيو بم پڻ مليو آهي جنهن کي بم ڊسپوزل اسڪواڊ ناڪارا بڻائي ڇڏيو آهي، هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي بم ڌماڪي ۾ زخمين جي عيادت ڪئي ۽ چيو ته اهڙن واقعن جو مقصد افرا تفري ۽ خوف پکيڙڻ ۽ امن کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش آهي، هن چيو ته واقعي ۾ 2 شهادتون ٿيون آهن ۽ اهڙي واقعي جي مڪمل تحقيقات ڪرائينداسين. هن چيو ته پنجاب فرانزڪ ليبارٽري ۾ موڪليل نمونن جي رپورٽ ليڪ ٿيڻ جو جائزو وٺي رهيا آهيون. جڏهن ته سنڌ ۾ جلد فرانزڪ ليبارٽري ٺاهي ويندي. هن چيو ته مڪمل رپورٽ اچڻ تائين ڪجهه به نه ٿو چئي سگهجي. هن چيو ته سياست ۾ يوٽرن کي هاڻ پنهنجي بچاءُ ۾ استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ سرٽيفڪيٽ ورهايا وڃن ٿا ته جيڪو يو ٽرن نه ٿو وٺي اهو اڳواڻ ئي ناهي هن چيو ته هاڻ يو کان ڊبليو تائين ڳالهه وڃي پهتي آهي يوٽرن کان پوءِ ملڪ ۾سيڙپڪاري ڪندڙ ڌريون سوچڻ تي مجبور ٿي پيون آهن.06

هي به ڏسي سگهو ٿا

خواجا ڀائرن جي گرفتاري، آصف علي زرداري پاران سخت مذمت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري مسلم ليگي اڳواڻن خواجا سعد رفيق ۽ سندس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے