15 ہفتہ , دسمبر 2018

ڪجهه مهينن ۾ فوڊ اٿارٽي جي ڪارروائين ۾ تيزي ايندي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) اطلاعات بابت صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ فوڊ اٿارٽي جو قيام عمل اچي چڪو آهي، ڪجهه مهينن ۾ فوڊ اٿارٽي جون ڪارروائين ۾ تيزي ايندي. تفصيل موجب سڌ سماءَ بابت صوبائي صلاحڪار ڪلفٽن جي زمزمه ريسٽورنٽ ۾ مبينا طور تي صحت لاءِ هاڃيڪار کاڌو کائڻ سبب فوت ٿيل ٻن ڀائرن جي گهر وڃي متاثر خاندان سان ملاقات ڪئي. متاثر خاندان سان ملاقات کانپوءِ مرتضيٰ وهاب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته رپورٽ اچڻ کانپوءِ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، جاچ بابت وارثن کي آگاهه ڪيو ويندو. صوبائي صلاحڪار چيو ته سنڌ فوڊ اٿارٽي جو قيام عمل ۾ اچي چڪو آهي، ڪجهه مهينن اندر فوڊ اٿارٽي جي ڪارروائين ۾ تيزي ايندي. مرتضيٰ وهاب ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪوشش آهي ته اهڙا واقعا ٻيهر پيش نه اچن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آصف زرداري سان اختر مينگل جي ملاقات، سياسي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے