10 پیر , دسمبر 2018

جديد سولر پينل بجلي به پيدا ڪري ۽ سج کي گرمي به واپس ڪري

ڪيليفورنيا(ويب ديسڪ)ماهر اهڙو سولرپينل تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ٿيا ويا آهن جيڪو نه صرف شمسي توانائي مان بجلي پيدا ڪري سگهي ٿو  ۽ ان دوران سسٽم مان خارج ٿيندڙ گرمي کي خلا ۾ موڪل جي به صلاحيت سان مالا مال آهي، سولر پينل جي ذريعي سج مان نڪرندڙ گرمي کي برقي توانائي ۾ تبديلي ڪري سستي بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي، سج کان شمسي توانائي مفت ۾ وٺي بجلي پيدا ڪرڻ سائنس دانن هاڻي شمسي نظام کي ڪجهه واپس ڪرڻ چاهن ٿا ان لاءِ امريڪا ۾ ماهرن انوکو تجربو ڪيو،  امريڪي رياست ڪيلي فورنيا اسٽين فورڊ  يونيورسٽي جي تحقيق ڪارن هڪ نئي قسم جو سولر پينل ايجاد ڪيو آهي، هي سولر پينل سج جي روشني کي جذب ڪري بجلي پيدا ڪري سگهي ٿو ۽ جئين عام سولر پينل به ڪندو آهي پر جديد پينيل هڪ قدم اڳتي وڌندي گرمي واپس خلا ۾ موٽائڻ جو ڪم به انجام ڏيندو، ماهرن جو چوڻ آهي ته هن سسٽم سان برقي توانائي حاصل ڪئي ويندي ۽ گرمي توانائي کي بچايو ويندو، هي ٻه طرفي نظام آهن جنهن ۾ هڪ طرف سج جي گرمي کي بجلي پيدا ڪرڻ ۾ استعمال ڪيو ويندو ته ٻئي طرف ماحول ۾ گرمي جي گهٽتائي نه ٿي وڃي ان لاءِ سسٽم مان خارج ٿيندڙ گرمي کي ضائع ڪرڻ جي جاءِ تي سج کي واپس موٽائي ڏيندو، هي سولر پينل Radiative Cooling  جي طرز تي ڪم ڪندو جنهن ۾ ڪنهن به مادي مان خارج ٿيندڙ گرمي انفراريڊ شعاعن ۾ تبديل ٿي ويندي جئين انساني جسم به هي ڪم سر انجام ڏيندو آهي، اهڙي طرح ايڪو سسٽم پنهنجي اصل حالت ۾ برقرار رهي سگهي ٿو،

هي به ڏسي سگهو ٿا

هڪ فون ۾ 3 سهولتون ….

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)هڪ غير مشهور ڪمپني پلانيٽ ڪمپيوٽر 90 جي ڏهائي دلچسپ ايجاد کي جديد رخ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے