11 منگل , دسمبر 2018

رپورٽ: ڌاٻيجي: پمپنگ اسٽيشن جي 72انچ جي لائين ڦاٽي پئي ،ڪراچي شهر کي پاڻي سپلائي معطل 

*ڪراچي  کي پاڻي فراهم ڪندڙ واٽر بورڊ ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن جي 72انچ جي لائن بجلي جو بريڪ ڊاون ٿيڻ سبب ڦاٽي پئي سڄو علائقو پاڻي هيٺ اچي ويو ڪراچي شهر کي پاڻي سپلائي معطل  ٿي وئي .

 فجر مهل    ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي بجلي جو ڊگهو بريڪ ڊاون ٿيو جنهن سبب ڪراچي شهر جي مختلف علائقن کي پاڻي سپلائي ڪندڙ ڌاٻيجي واٽر بورڊ جي 72 انچ جي 5نمبر لائن  ڦاٽي پئي.

 مقامي سول انتظاميا پاران بروقت ڪاروائي نه ٿيڻ سبب هزارين گيلن پاڻي ضايع ٿي ويو سڄو علائقو پاڻي هيٺ اچي ويو ۽ اڄ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پاڻي شديد کوٽ پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي .

 ياد رهي ته  ڪجهه ڏينهن  پهريان به اها ساڳي لائن 2ڀيرا ڦاٽي هئي جنهن سبب به هزارين گيلن پاڻي ضايع ٿي ويو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| چيلهار: ڳوٺ ٻٽڙا جي ڊسپينسري جي نئين عمارت کنڊرات ۾ تبديل

چيلھار ڀرسان ڳوٺ ٻٽڙا ۾ صحت جون سھولتون اڻلڀ ٿي ويون، نئين ٺاھيل ڊسپينسري واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے