14 جمعہ , دسمبر 2018

پاڻي جي ورڇ تي تڪرار، نئون ٽيلي ميٽري سسٽم لڳائڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) صوبن ۾ پاڻي جي ورڇ تي تڪرار تي وفاقي سرڪار نئون ٽيلي ميٽري سسٽم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب 7 هنڌن تي ٽيلي ميٽري سسٽم لاڳو ڪيو ويندو. ٽيلي ميٽري سسٽم پاڻي جي وهڪري بابت درست ۽ فوري انگ اکر فراهم ڪندو، منصوبي لاءِ عالمي بئنڪ مالي مدد فراهم ڪندي. ميڊيا رپورٽ موجب سرحدي هنڌن تي ٽيلي ميٽري سسٽم ٻن مرحلن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، چناب درياءَ تي مرالا وٽ ٽيلي ميٽري سسٽم لاڳو ڪيو ويندو، سنڌو درياءَ مان نڪرندڙ ندين تي چشما بئراج واري هنڌ سسٽم لاڳو ڪيو ويندو جڏهن ته کير ٿر ۽ پٽ فيڊر ڪئنال ۾ پاڻي جي نگراني لاءِ نوان ٽيلي ميٽري سٽم لڳا ويندا. تونسا ۽ گڊو بئراج تي به پاڻي جي وهڪري ۽ مقدار ڄاڻڻ لاءِ سسٽم لاڳو ويندو. سي آر بي ڪئنال مان ڪي پي کي ملندڙ پاڻي جي نگراني ٽيلي ميٽري سسٽم سان ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي ڀاءَ جي منصوبن جي آڊٽ تي ننڍي ڀاءُ کي ويهارڻ غلط آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته وڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے