19 جمعہ , اپریل 2019

طاهر داوڙ قتل ڪيس جي جاچ کي انجام تي پهچائينداسين: ڪي پي جو وڏو وزير

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) ڪي پي جي وڏي وزير محمود خان چيو آهي ته ايس پي طاهر داوڙ جي قتل جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي وئي آهي، ڪيس کي انجام تائين پهچايو ويندو. پشاور ۾ طاهر داوڙ جي وارثن سان تعزيت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي محمود خان چيو ته مخالف ڌر جو ڪم ئي تنقيد ڪرڻ هوندو آهي، وفاقي ۽ڪي پي حڪومتون ناڪام نه آهن،  وقت ٻڌائيندو ته نه وفاقي سرڪار ناڪام آهي ۽ نه وري صوبائي حڪومت ناڪام آهي. هن چيو ته وقت ٻڌائيندو ته عالمي سطح تي جاچ ڪرائڻ جي مطالبي بابت اڃا نه سوچو آهي، گهر وارا جاچ مان مطمئن نه هجن ته سندن اطمينان لاءِ قدم کڻنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف وٺ پڪڙ جون هدايتون…

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ ڪليم امام چيو آهي ته سڄي سنڌ ۾ عطائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے