15 ہفتہ , دسمبر 2018

رپورٽ: نواب ولي محمد: آبادگارن ۽ ڪڙمين جو زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف 56هين ڏينهن به احتجاج

*نواب ولي محمد ۾ دولتپور شاخ جي پڇڙيءَ  جي آبادگارن ۽ ڪڙمين   زرعي پاڻي جي کوٽ ، ڪرپٽ داروغن محمد بخش ڪورائي ۽ وارث زرداري خلاف 56هين ڏينهن به احتجاج جاري رکيو.

آبادگارن ۽ ڪڙمين  زرعي پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ خلاف خميسو خان ڀنڊ ،ظفر علي چانڊيو ،انور علي ٻگهيو ،نور احمد انڙ ، اعجاز سنگراھ ، حاجن ٻگهيو احمد گبول، عمران انڙ ، الله ورايو ڀنڀري، اڪبر ملاح ، نصير ڀنڀري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بک هڙتال ڪئي.

ان موقعي تي آبادگارن ٻڌايو ته هنن کي احتجاج ڪندي هڪ مهيني کان به وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي پر سندن مسئلو حل نه ٿي رهيو آهي.

 هنن ٻڌايو ته شاخ ۾ ڇڏيل زرعي پاڻي رينجرز جي وڃڻ کان پوءِ  پاڻي به واپس ٿيڻ لڳو آهي.

سندن چوڻ هو تھ عملدارن جي لاپرواهيءَ سبب آبادگار ڪڻڪ جو فصل بھ نھ ڪاهي سگهيا آهن،

 هنن الزام هنيو ته  شاخ جي ريگيوليٽر جا گيٽ رات جو آبپاشي عملدار هيٺ ڪري ٿا ڇڏين ۽ شاخ مٿان غيرقانوني گهٽ موري ٺاهي وئي آهي جنهن سبب پڇڙيءَ ۾ پاڻي نه ٿو پهچي.

 هنن ٻڌايو ته دولتپور شاخ جي منڍ ۾ رينجرز جي آپريشن کانپوءِ ايڪويهن واٽر ڪورس تائين پهتل پاڻي واپس ٿيو ۽ ڊزائن ڪيل واٽر ڪورس به بااثر ماڻهن آبپاشي عملي جي ملي ڀڳت سان ٻيهر ٽوڙي ڇڏيا آهن.

آبادگارن ٻڌايو ته 26 ورهين کان پاڻي جي هٿرادو کوٽ سبب سندن زمينون بنجر بڻجي رڃ جو ڏيک ڏئي رهيون آهن.

 هنن مطالبو ڪيو ته رينجرز کي مستقل مقرر ڪري کين پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سندن احتجاج جاري رهندو……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: استادن جي حقن لاءِ نڪتل پ ٽ الف جو مارچ ڌاٻيجي پهچڻ تي شاندار آجيان

پ ٽ الف پاران استادن جي حقن لاءِ ڳڙهي خدابخش مان نڪتل لانگ مارچ ڌاٻيجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے