14 جمعہ , دسمبر 2018

رپورٽ: نصيرآباد: پ پ شهيد ڀٽو پاران اسد عمراڻي جا قاتل گرفتار نھ ٿيڻ خلاف احتجاج

*نصيرآباد ۾ پ پ شهيد ڀٽو پاران اسد عمراڻي جا قاتل گرفتار نھ ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.

ڪارڪنن يوسف پتوجو، ممتاز ڪلھوڙو، قربان پتوجو، ابراھيم چانڊيو، صابر لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  نصيرآباد اسپتال  جي  نئي ٺھندڙ عمارت جو تعميراتي ڪم بند هجڻ ۽ پ پ شهيد ڀٽو اڳواڻ اسد عمراڻي جا قاتل گرفتار نھ ٿيڻ خلاف  18 ڏينهن بھ احتجاج جاري رکيو ويو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ  نصيرآباد اسپتال جو ڪم سرڪار جي عدم دلچسپي سبب بند پيل آهي جنھن کي مڪمل نھ ڪيو وڃي.

هنن چيو تھ ڪراچي پوليس  اسد عمراڻي کي گھران کنڀي جڙتو مقابلو ڄاڻائي بيدرديءَ سان قتل ڪيو  جنھن جو سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ ھاءِ ڪورٽ پڻ نوٽيس ورتو آهي پر افسوس جو قاتل اڃان تائين گرفتار نھ ٿي سگهيا آهن.

مظاهرو ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ اسد عمراڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪري ڦاهي تي چاڙهيو وڃي  ۽ نصيرآباد جي اسپتال جو ڪم جلد مڪمل ڪري عوام مان بيچيني ختم ڪئي وئي……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڊگهڙي  جي  نادرا  عملي جي مبينا زيادتين خلاف  شهرين احتجاج

ڊگهڙي  جي  نادرا  عملي جي مبينا زيادتين خلاف  شهرين احتجاج ڪيو غلام الله چانگ ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے