19 منگل , فروری 2019

ڪراچيءَ ۾ 60 سيڪڙو ماڻهو بنا لائسنس گاڏيون هلائي رهيا آهن: اي آءِ جي

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ڊاڪٽر امير شيخ چيو آهي ته ڊبليو ايڇ او جي رپورٽ موجب ٽريفڪ حادثن ۾ گهڻي قدر ماڻهو مرندا آهن، ڪراچي ۾ هڪ مهيني دوران 1200 ٽريفڪ حادثا ٿيندا آهن. ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر امير شيخ چيو ته 60 سيڪڙو ماڻهو ڪراچي ۾ بنا لائسنس گاڏيون هلائي رهيا آهن،  61 هزار ماڻهن جو رانگ وي مهم دوران هن وقت تائين چالان ڪيو ويو آهي. هن چيو ته  هتي انگريزي ڳالهائيندڙ ٻاهر وڃي ڇو قانون جي پابندي ڪندا آهن،هتي انگريزي ڳالهائي پوليس وارن کي ڊيڄاريندا آهن،  ٽريفڪ پوليس گهڻي محنت ڪندي آهي، ڪوتاهيون به آهن، سوشل ميڊيا ۾ سٺو ٽرينڊ آهي جو سٺي ڪم کي ساراهيندا آهن. ايڊيشنل آءِ جي  چيو ته لائسنس جو اهو مطلب ناهي ته حڪومت پئسا ڪمائي رهي آهي، ٻاهر ٽن چئن ٽڪيٽس تي لائسنس رد ٿي ويندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

لاهور هاءِ ڪورٽ خواجه سعد ۽ سلمان رفيق کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ مسلم ليگ ن اڳواڻ خواجه سعد رفيق …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے