11 منگل , دسمبر 2018

وزيراعظم جي شيخ محمد بن زيد سان دبئي ۾ ملاقات  

دبئي ( ويب ڊيسڪ )  وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي گڏيل عرب امارات پهتو جتي هن دبئي جي ولي عهد پرنس شيخ محمد بن زيد بن سلطان النهيان سان ملاقات ڪئي. صدارتي محل ۾ ٿيل ملاقات دوران وزيراعظم سان گڏ ناڻي  وارو وزير اسد عمر، پئٽروليم وزير غلام سرور، توانائي واري وزير ۽ واپار واري صلاحڪار سميت پاڪ فوج جو سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه ۽ ٻيا به شامل هئا.  ٻنهي اڳواڻن ۾ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. وزيراعظم عمران خان صدارتي محل پهتو ته کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي گڏيل عرب امارات جي هٿياربند فوج جو ڊپٽي ڪمانڊر به موجود هئا. ان کان اڳ دبئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي يو اي اي جي ممڪلتي وزير سلطان بن جابر پاڪستاني وفد جي آجيان ڪئي. گڏيل عرب امارات  ۾ اڳ موجود پرڏيهي وزير به وزيراعظم عمران سان گڏ هو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي نائب صدر ۽ وزيراعظم سان به ملاقات ڪندو، سندس دورو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حددخلين خلاف آپريشن: عدالت مان انصاف جي اميد آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب حددخلين خلاف جاري آپريشن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے