22 جمعہ , فروری 2019

تڪراري تقرير تي حڪومت افضل قادري جي معذرت قبول ڪئي: نور الحق قادري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نور الحق قادري چيو آهي ته تحريڪ لبيڪ جي پير افضل قادري پنهنجي تقرير تي معذرت ڪئي جيڪا قبول ڪئي آهي. هڪ انٽرويو ۾ نور الحق قادري چيو ته جنهن وقت تحريڪ لبيڪ سان ٺاهه ٿيو تنهن وقت وزيراعظم سان رابطي ۾ هيس، هو چين ۾ هو، اسان پنهنجي حد تائين پنهنجي ڪمٽمينٽ تي قائم آهيون جنهن کي پورو ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته ڌرڻي ۽ احتجاج دوران جنهن جي به دل آزاري ٿي تنهن تي تحريڪ لبيڪ  طرفان معذرت ڪئي وئي، ڪنهن تي توهين عدالت جو ڪيس هجي ۽ هو عدالت وڃي معافي وٺي ته ڳالهه ختم ٿي ويندي. نور الحق قادري چيو ته  افضل قادري جي تقرير تي سپريم ڪورٽ ڇا ٿي ڪري اهو سندن ڪم آهي، تڪراري تقرير تي اسان سندن معذرت قبول ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ فوج جو ترجمان سڀاڻي ڇا ڪندو….؟

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور سڀاڻي اهم پريس ڪانفرنس ڪندو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے