10 پیر , دسمبر 2018

عبدالقدوس بزنجي طرفان اسپيڪر جو عهدو ڇڏڻ جو فيصلو

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) عبدالقدوس بزنجو بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر جو عهدو ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هڪ بيان ۾  عبدالقدوس بزنجي چيو ته اسپيڪر ۽ پارٽي اڳواڻ جي حيثيت  ۾ هر معاملي ۾ کيس نظرانداز ڪيو پيو وڃي، ايم پي اي رهي ڪري صوبي ۽ عوام جي بهتر خدمت ڪري سگهان ٿو. هن چيو ته اسپيڪر جو عهدو رکي صوبي تي بار نه ٿو بڻجي سگهان، خاموش هيس تنهن ڪري ڪنهن سياسي سرگرمي ۾ شامل نه رهيس. عبدالقدوس بزنجي چيو ته جلد پريس ڪانفرنس ۾ سموريون حقيقتون عوام سامهون آڻيندس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جڏهن لڳو ٽيم منهنجي ڪري هارائي ٿي ته ڪپتاني ڇڏي ڏيندس: سرفراز احمد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته جڏهن مون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے