23 بدھ , جنوری 2019

افغانستان ۾ طالبان هاڻي به  مضبوط  پوزيشن  ۾ آهن : امريڪا جو اعتراف           

اوٽاوا(ويب ڊيسڪ)امريڪا جي چيئر مين جوائنٽ آف اسٽاف جنرل جوزف ڊن فورڊ چيو آهي ته افغانستان ۾ طالبانن هار ناهن مڃيا 17 سالن جي جنگ کان پوءِ  به انهن جي پوزيشن مضبوط آهي، عالمي خابرو اداري موجب امريڪا جي چيئرمين جوائنٽ چيف آف سٽاف جنرل جوزف ڊن فورڊ چيو آهي ته افغانستان جي معلاملي تي اسان کي ڳالهه ڪرڻ بدران افغانستان ۾ طالبان جي مضبوط پوزيشن کي تسليم ڪرڻ گهرجي ۽ فوجي آپريشن سان گڏ معاشي دٻاءُ ۽ ڳالهين جي ذريعي امن جو ڪوششون ڪرڻ گهرجن، امريڪي جنرل جوزف ڊن فورڊ چيو ته امريڪا جون پنهنجي اتحادين سان گڏ ملي ڪري طالبان ۽ ڪابل حڪومت جي وچ ۾ ڳالهيون لاءِ ڪوششون جاري آهن، ۽ جيڪڏهن  طالبان ڳالهين لاءِ تيار آهن وڃن ته اسان لاءِ وڏي ڪاميابي هوندي، ان حوالي سان اڳڀرائي جا خواهه آهيون جئين ته ان ۾ ڪافي وقت لڳندو، هن چيو ته هلندڙ  وقت ۾ ٿيندڙ افغان اليڪشن ڪاميابت ثابت ٿي آهي ۽ اسان جون نظرون ايندڙ سال ٿيندڙ صدارتي چونڊون ڏانهن آهن، جمهوري عمل جاري رهڻ سان معاشري تي هاڪاري اثر پوندا آهن، جنگ هر مسئلي جو حل ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪرپشن جو الزام: نسان جي اڳوڻي سربراهه جي ضمانت واري درخواست هڪ ڀيرو ٻيهر رد

ٽوڪيو ( ويب ڊيسڪ) ٽوڪيو جي عدالت نسان جي اڳوڻي سربراهه ڪارلوس گھوسن طرفان پرڏيهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے