11 منگل , دسمبر 2018

سليڪٽرن سعد علي کي قومي ٽيم ۾ شامل ڪري ويساري ڇڏيو

ابوظهبي (ويب ڊيسڪ)سليڪٽرن سعد علي کي نيوزيلينڊ سان ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شامل ڪري کيس وساري ڇڏيو گذريل ڏينهن کيس اي ٽيم ۾ به جاءِ ڏني وئي، چيف سليڪٽر انضمام الحق جي سربراهي هيٺ ڪم ڪندڙ سليڪشن ڪميٽي انگلينڊ لائنز سان 4 ڏينهن واري ميچ کيڏڻ لاءِ پاڪستان“ اي” اسڪواڊ جو اعلان ڪندي سعد علي جو نالو به شامل ڪيو، سليڪٽرن کي اهو  ياد نه رهيو ته نوجوان بيٽسمين نيوزيلينڊ سان ٽيسٽ سيريز لاءِ چونڊيل رانديگرن ۾ شامل آهن، بعد ۾ غلطي جو احساس ٿيڻ تي اي ٽيم ۾ شامل سعد علي جي جاءِ تي عثمان صلاح الدين کي شامل ڪيو ويو، نيوزيلينڊ سان ٽيسٽ سيريز لاءِ چونڊ اسڪواڊ ۾ شامل شاهين شاهه آفريدي کي به انگلينڊ لائنز سان ميچ ۾ کيڏايو ويندو، هي فيصلو انهن  کي ڊگهي فارميٽ واري ڪرڪيٽ جو تجربو ڏيارڻ لاءِ ڪيو ويو، پر گذريل ڏينهن اعلان ڪيل 13 رڪني اسڪواڊ ۾ فاسٽ بالر جو نالو شامل ناهي، هو انگلينڊ لائنز کان 4 ڏينهن پوءِ ٻيهر پاڪستاني ٽيم کي جوائن ڪندو، ميچ  جي قيادت جا فرض محمد رضوان نڀائيندو، ٻين رانديگرن ۾ خرم، منظور شان، مسعود عابد علي، عثمان صلاح الدين، محمد سعد، سعود شڪيل، محمد عرفان، احسان عادل، تاج ولي، ثمين گل، علي شفيق ۽ محمد اصغر شامل آهن، چار ڏينهن جو مقابلو اڄ کان ابوظهبي ۾ شروع ٿيندو، مهمان ٽيم سان 5 ون ڊي ۽ 2 ٽي 20 به گڏيل عرب رياستن ۾ ئي رٿيل آهن، مقرر اوورن جي ڪرڪيٽ لاءِ اسڪواڊ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو،

هي به ڏسي سگهو ٿا

Hockey World Cup: Pakistan face Belgium for a place in quarterfinal today

هاڪي عالمي ڪپ: ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ پاڪستان جو اڄ بيلجيئم سان مقابلو

ڀوبنيشور ( اسپورٽس نيوز ) ڀارتي شهر ڀوبنيشور ۾ هاڪي عالمي ڪپ جي ناڪ آئوٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے