10 پیر , دسمبر 2018

ڪراچي ۾ مڇريل ماڻهن جو اينٽي انڪروچمنٽ ٽيم تي حملو، آفيسر ڀڄي جان بچائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي صدر ايمپريس مارڪيٽ ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪندڙ ٽيم تي دڪاندارن حملي ڪري ڏنو ۽ سينيئر ڊائريڪٽر اينٽي انڪروچمنٽ ڪي ايم سي بشير صديقي ڀڃي جان بچائي. ميڊيا جي رپورٽن موجب ايمپريس مارڪيٽ ۽ ڀرپاسي ۾ قائم حددخلين جي خاتمي لاءِ گرينڊ آپريشن جاري آهي، ڪي ايم سي 120 دڪانن کي اڄ صبح تائين خالي ڪرڻ جا نوٽيس جاري ڪيا هئا، ڪي ايم سي جي ٽيم دڪانن کي مسمار ڪرڻ لاءِ هيوي مشينري سان پهتي ته مڇريل ماڻهن مٿن حملو ڪري ڏنو. ڪي ايم سي جي سينيئر ڊائريڪٽر اينٽي انڪروچمنٽ بشير صديقي اڳتي وڌيو ته مڇريل هجوم مٿس پٿراءُ ڪيو ۽ بشير صديقي اتان ڀڃي جان بچائي. ڪي ايم سي جي مدد لاءِ پوليس جي وڏي نفري علائقي ۾ موجود هئي پر اها ڪجهه نه ڪري سگهي جڏهن ته رينجرز ڪارروائي ڪندي هڪ شرپسند کي گرفتار ڪري ورتو آهي. حملي کانپوءِ ڪي ايم سي عارضي طور تي آپيشن روڪي ڇڏيو آهي، اينٽي اينڪروچمنٽ ٽيم هيوي مشينري سان گڏ صدر ۾ موجود آهي ۽ پوليس جي واڌو نفري طلب ڪئي وئي آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

ميگا مني لانڊرنگ ڪيس: جي آءِ ٽي جو انور مجيد جي گهر تي ڇاپو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ميگا مني لانڊرنگ ڪيس جي ضمن ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي بڻايل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے