11 منگل , دسمبر 2018

رپورٽ | ڊگهڙي: پوليس جو منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون، هزارين لٽر ڪچو شراب هٿ

ڊگهڙي ۾ پوليس منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون دوران هزارين لٽر ڪچو شراب هٿ ڪري جوابدارن خلاف 4-4 ڪيس داخل ڪري ڇڏيا.

ڊگهڙي پوليس باءِ پاس تي ڳوٺ ڪوٽ مير جان محمد ٽالپر ۾ مختلف شراب جي بٺن تي ڇاپا هڻي اوڻيھه سئو ليٽر  ڪچو شراب هٿ ڪري ورتو آهي.

پوليس موجب ساڳي ڳوٺ ۾ ڏيوو ميگهواڙ جي شراب جي بٺي تي ڇاپو هڻي پندرنهن سئو ليٽر تيار شراب برآمد ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي تھ منشات وڪرو ڪندڙ پارو ميگهواڙ جي شراب جي بٺي تي ڇاپو هڻي سورنهن سئو ليٽر ڪچو شراب هٿ ڪيو آهي جڏهن تھ جوابدار خلاف پڻ ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

ڊگهڙي پوليس موجب  پپو ميگهواڙ جي شراب جي بٺي تي ڇاپو هڻي ارڙنهن سئو لٽر ڪچو شراب پڻ هٿ ڪيو آهي جڏهن تھ جوابدار فرا ٿي ويو.

آخري اطلاع تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي جڏهن تھ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي رهي آهي

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| چيلهار: ڳوٺ ٻٽڙا جي ڊسپينسري جي نئين عمارت کنڊرات ۾ تبديل

چيلھار ڀرسان ڳوٺ ٻٽڙا ۾ صحت جون سھولتون اڻلڀ ٿي ويون، نئين ٺاھيل ڊسپينسري واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے