19 منگل , فروری 2019

ڪوٽڏيجي: فقيرآباد مان گم ٿيل نوجوان جي پيرسن والد  جو سندس ڳولها۾ سهڪار جي اپيل

 ڪوٽڏيجي: فقيرآباد مان گم ٿيل نوجوان جي پيرسن والد  جو سندس ڳولها۾ سهڪار جي اپيل *فقيرآباد  ۾ گم ٿيل نوجوان جي پيرسن والد سندس ڳولها۾ سهڪار جي اپيل ڪئي آهي .

ڳوٺ محمد مٺل مهر مان نوجوان 4 ڏينهن کان گم آهي  گم ٿيل نوجوان جي پيرسن والد  پٽ جي ڳولها ۾ سهڪار لاءِ وس وارن کي اپيل ڪئي آهي .

 گمبٽ ٿاڻي جي فقيرآباد چوڪي جي حد ڳوٺ محمد مٺل مهر مان 4 ڏينهن اڳ 20 سالا نوجوان پراسرار نموني گم ٿي ويو هو.

 نوجوان جي پيرسن پيءُ ولي محمد مهرعوامي آواز آفيس ڪوٽڏيجي پهچي  چيو ته 4 ڏينهن اڳ نوجوان پٽ فرمان علي مهر گهران نڪري ٻاهر ويو ۽ واپس گهر نه موٽيو آهي،

 هن چيو ته   فقير آباد چوڪي تي پٽ جي گم ٿيڻ جي اين سي داخل ڪرائي آهي منهنجي پٽ جو ذهني توازن درست  ناهي

هن ايس ايس پي خيرپور کي اپيل ڪئي ته پٽ جي ڳولها ۾ سندس مدد ڪئي وڃي ٻئي طرف  فقيرآباد چوڪي انچارج صادق ڄامڙو نوجوان جي گم ٿين بابت رابطو ڪيو ته هو مڇرجي پيو ۽ عوامي آواز ڪوٽ ڏيجي جي رپورٽر سان اڍنگي طريقي سان ڳالهيايو ………………………

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:خيرپور: فارميسي جي شاگردن سچل ڪانفرنس شروع ٿيڻ نه ڏني، مهمان کسڪي ويا

*شاهه لطيف يونيورسٽي جي شاگردن ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو، شاگردن پاران سچل نيشنل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے