11 منگل , دسمبر 2018

پاڪستان کي ابوظهبي ٽيسٽ کٽڻ لاءِ 176 رنسن جو ٽارگيٽ

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) ابوظهبي ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن نيوزيلينڊ جي ٽيم ٻي اننگز ۾ 249 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي ۽ پاڪستان کي ڪاميابي لاءِ 176 رنسن جو ٽارگيٽ ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته قومي ٽيم راند جي پڄاڻي تائين بنا ڪنهن نقصان جي 37 رنسون ٺاهي ورتيون، پاڪستان کي ڪاميابي لاءِ 139 رنسن جي ضرورت آهي، جڏهن ته ڪيوي ٽيم کي 10 وڪيٽون گهربل آهن.  ابوظهبي جي شيخ زيد اسٽيڊيم ۾ جاري ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن ڪيوي ٽيم هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 56 رنسن کان راند جي شروعات ڪئي ته ڪين وليمسن 27 ۽ جيت راول 26 رنسن سان ڪريز تي موجود هيا. ٻئي بيٽسمين احتياط سان اسڪور کي اڳتي وڌائيندا رهيا پر 86 رنسن جي مجموعي اسڪور تي ڪيوي ڪپتان ياسر شاهه جو شڪار ٿي ويو، هو 37 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. اوپننگ بيٽسمين جيت راول ۽ روز ٽيلر بيٽنگ لائين کي سهارو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر ٽيلر جي اننگز 19 رنسن تائين محدود رهي، جنهن کي  حسن علي پويلين موٽايو. پاڪستاني بالرن خلاف مزاحمت ڪندڙ جيت راول به 46 رنسن تي همت هارائي ويٺو، پنجين وڪيٽ تي هينري نڪولس ۽ بي جي ويٽلنگ ذميواري سان 112 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي پر 220 جي گڏيل اسڪور تي نڪولس 55 رنسون ٺاهي ياسر شاهه جو شڪار بڻيو، جنهن کانپوءِ نيوزيلينڊ جي بيٽنگ لائين ڊهي پئي. ياسر شاهه ڪولن ڊي گرينڊ هوم کي 3، والٽنگ کي 59 ۽ ويگنر کي کاتو کولڻ بنا آئوٽ ڪري ڇڏيو. اش سوڌي 18 ۽ ٽرينٽ بولٽ ڪا رنس ٺاهڻ بنا حسن علي جو شڪار ٿيو. پاڪستان طرفان حسن علي ۽ ياسر شاهه شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي 5- 5 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. 176 رنسن جي ٽارگيٽ پويان قومي ٽيم ٽئين ڏينهن راند جي پڄاڻي تائين بنا ڪنهن نقصان جي 37 رنسون ٺاهي ورتيون. امام الحق 25 ۽ محمد حفيظ 8 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود رهيا. پاڪستاني کي ڪاميابي لاءِ وڌيڪ 139 رنسن جي ضرورت آهي، جڏهن ته ڪيوي ٽيم کي 10 وڪيٽون گهربل آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي پيڪ سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري جو بهترين نمونو آهي: چيني سفير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ مقرر چينيڌ سفير يائو جنگ چيو آهي ته سي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے