15 ہفتہ , دسمبر 2018

رپورٽ: پکو: جشن ميلاد صعلم جي مناسبت سان ريلي ڪڍي وئي

پکو ۾ جشن ميلا رسول ڪريم صه جي سلسلي ۾ جماعت دعوت السلامي عطاري گروپ طرفان آمد رسول صه ريلي ۽ جلسو منعقد ڪيو ويو.

ھر سال جيان ھيل به جماعت دعوت السلامي عطاري گروپ طرفان عزيز احمد عطاري , حافظ حبيب الرحمن عطاري , ضمير حسين عطاري جي اڳواڻي ۾ جشن ميلاد نبي ڪريم صه جي آمد جي سلسلي ۾ موٽرسائيڪل ريلي ڪڍي وئي .

ريلي ۾ تر جي ڪيترن ڳوٺن ڪرم ٻوڪ , درياءّ خان , نئون ڳوٺ , ڀولا ڪلھوڙا , چونڊيا ڳوٺ , عالي کبڙ , جلال مغيري , شريفاڻيون , ڪور متل , خيرپور جوسو , ڌمڻ مغيري , چيلو , يار محمد مغيري , گھوگھارو , چانڊو ڳوٺ ۽ ٻين ڳوٺن جي سوين عاشقان رسول صه شرڪت ڪئي .

ريلي شھر جي مختلف رستن کان ٿيندي مين انڊس ھاءِ وي روڊ سان وڳڻ شھر جي باءِ پاس روڊ کان ٿيندي ڳوٺ حاجي گلو مغيري وٽ پھتي ته جسلو منعقد ڪيو ويو .

 جلسي ۾ نعت خوانن صاحب خان , فقير اختيار ۽ فقير گل حسن آقاءِ دوجھان جي شان ۾ نعت رسول صه پڙھيون ۽ درود شريف جو ورد ڪيو ويو .

 جلسي مقررين ضمير حسين عطاري ۽ حافظ حبيب الرحمن عطاري کي خطاب ڪيو , جلسي کي خطاب ڪندي مقررين چيو ته 12 ربيع الاول ان محسن مرسل ۽ ادنيا جي وڏي ۾ وڏي عظيم ھستي جي ڄمڻ جو ڏينهن آهي جنهن جي اچڻ سان حق پهتو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:بدين: عوامي آواز جي خبر تي جج جو نوٽيس، سي ايم او کان رپورٽ طلب

ڊسٽرڪٽ سيشن جج بدين جاويد احمد بلوچ  عوامي آواز  جي خبر تي شهر ۾ گندگيءَ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے