13 جمعرات , دسمبر 2018

سرڪلر ريلوي جي بحاليءَ جي حڪم کانپوءِ ڪراچي انتظاميا حرڪت ۾ اچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ طرفان ڪراچي ۾ سرڪلر ريلوي جي بحالي جي حڪم کانپوءِ انتظاميا به حرڪت ۾ اچي وئي آهي ۽ ريلوي لائنز تي قائم حددخلين جي خاتمي لاءِ رٿابندي شروع ڪئي وئي آهي. سرڪلر ريلوي جي بحالي جي سلسلي ۾ ڪراچي جي ڪمشنر ريلوي لائنز تي قائم حددخلين جو جائزو وٺڻ لاءِ ماڙي پور روڊ، وزير مينشن، شاهه لطيف ٽائون، سائٽ ايريا ۽ ٻين علائقن جو دورو ڪيو. سندس چوڻ هو ته دوري جو مقصد سرڪلر ريلوي جي بحالي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ آهي، ان ڏس ۾ جلد آپريشن شروع ڪيو ويندو. هوڏانهن ميئر وسيم اختر پڻ اعلان ڪيو ته سرڪلر ريلوي ٽريڪ جي ڀرپاسي حددخلين جي خاتمي لاءِ رٿابندي شروع ڪئي وئي آهي، ان ڏس ۾ ريلوي کاتي، پوليس ۽ ٻين ادارن سان رابطي ۾ آهيون.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

يمن ۾ 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو مارجي چڪا

صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن ۾ جاري گهرو ويڙهه سبب 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو پنهنجون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے