11 منگل , دسمبر 2018

جان ابراهم رنوير ۽ دپيڪا جي شادي تي ڳالهائڻ کي فضول سمجهي ٿو…!

ممبئي (شوبز نيوز) اداڪار جان ابراهيم بالي ووڊ جي جوڙي دپيڪا پڊڪون ۽ رنوير سنگھه جي شادي بابت تبصري کان انڪار ڪندي چيو آهي ته ان موضوع تي ڳالهائڻ وقت جو زيان آهي. تازو شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجندڙ جوڙي دپيڪا پڊڪون ۽ رنوير سنگهه کي جتي بالي ووڊ سان گڏ دنيا ۾ موجود سندن چاهيندڙن پاران مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي، اتي ئي وري اداڪار جان ابراهيم سندن شادي بابت ڳالهائڻ کي وقت جو زيان سمجهي ٿو. اداڪار جان ابراهم تازو هڪ برانڊ جي حوالي سان تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جتي صحافين کانئس دپيڪا پڊڪون ۽ رنوير سنگهه جي شادي بابت پنهنجو ردعمل ڏيڻ لاءِ چيو پر جان ابراهم ان موضوع تي ڳالهائڻ کان انڪار ڪندي چيو ته مون کي لڳي ٿو ته ان موضوع تي ڳالهائڻ وقت زيان ڪرڻ آهي، پوءِ پنهنجي لفظن جو احساس ٿيندي ئي جان ابراهم پنهنجي ڳالهه جي وضاحت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مان هن ايونٽ ۾ هڪ برانڊ جي مشهوري لاءِ آيو آهيان ۽ مون کي چيو ويو آهي ته رڳو ان حوالي سان ئي ڳالهه ٻولهه ڪيان.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

I’ve Made a Career with Unconventional Choices: Anushka Sharma on Completing 10 Years in Films

انوشڪا شرما ڪامياب ڪيريئر جا 10 سال مڪمل ڪري ورتا

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا انوشڪا شرما فلم انڊسٽري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے