10 پیر , دسمبر 2018

ٿُلهن ماڻهن کي ڪينسر ڇو ٿو ٿئي؟ طبي ماهرن سبب ڳولي ورتو

ڊبلن (ويب ڊيسڪ) سائنسدان ٿلهن ماڻهن جو ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ  جو سبب ڳولڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن، جنهن موجب وڌيڪ چرٻي ڪينسر جو وڏو سبب آهي. سائنسي رسالي نيچر اميونولوجي ۾ ڇپجندڙ رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ٽرينيٽي ڪالج ڊبلن جي محققن ٿلهن ماڻهن ۾ ڪينسر جو مرض پيدا ٿيڻ جي رجحان تي تحقيق دوران اهڙين خلين Natural killer جي ڳولا ڪئي آهي، جيڪي ڪينسر جي ٽشوز کي تباهه ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ڪينسر جي خلاف مزاحمت ڪندڙن کي فائديمند خلين کي   Natural killerچيو وڃي ٿو، اهي فائديمند خليون سائٽو ٽوڪسڪ مدافعتي خلين ۽ CD8+T سان گڏجي ڪينسر جي ٽشوز کي جسم ۾ زندهه رهڻ ناهن ڏينديون پر جسم جي گھڻي چرٻي Fats انهن ٽنهي قسمن جي فائديمند خلين کي تباهه ڪري ڇڏين ٿيون. ريسرچ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ڪينسر کي تباهه ڪندڙ فائديمند خلين جي سڀ کان وڏي دشمن جسم ۾ موجود وڌيڪ چرٻي هوندي آهي، جيڪا ڪينسر خلاف مزاحمت ڪندڙ خلين کي ناڪارا ڪري ڇڏيندي آهي ۽ ائين ڪينسر آساني سان سڄي جسم ۾ پکڙجي ويندو آهي. ماهرن اميد ظاهر ڪئي آهي ته مطالعي مان حاصل ٿيل حيرت ۾ وجهندڙ نتيجا فائديمند ثابت ٿي سگھن ٿا ۽ ان بنياد تي ڪينسر خلاف مزاحمت ڪندڙ فائديمند خلين کي fats کان بچائڻ لاءِ دوا ٺاهڻ تي ڪم شروع ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هڪ ڏينهن جي ورزش جا اثر ڪيترن ڏينهن تائين برقرار رهندا آهي؟

ڊيلاس(ويب ڊيسڪ)  ورزش جا فائدا هر ڪو به ڄاڻي ٿو پر ورزش جي باري ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے