13 جمعرات , دسمبر 2018

فوجي طاقت سان ڪشميرين جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهجي: علي امين گنڊاپور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪشمير جي معاملن بابت وزير علي اميد گنڊاپور والاريل وادي ۾ قابض فوج جي پرتشدد ڪاررواين جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪشميرين جي جدوجهد کي فوجي طاقت سان دٻائي نٿو سگهجي. پنهنجي بيان ۾ علي امين گنڊاپور جو چوڻ هو ته ڪشميري نوجوانن جي قتل عام ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي پر ان باوجود اهي پنهنجو حق حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن. هن چيو ته ڪشميرين جي پرامن جدوجهد کي زبردست هٿي ملي رهي آهي، انهن کي فوجي طاقت سان خاموش نٿو ڪرائي سگهجي. علي امين گنڊاپور چيو ته عالمي برادري ۽ ڀارت کي ڪشميرين کي پنهنجو حق ڏيڻو ئي پوندو، اسان هٿين خالي ڪشميرين جي جدوجهد کي دٻائڻ لاءِ ڀارتي فوج جي پرتشدد ڪاررواين جي مذمت ڪيون ٿا. سندس چوڻ هو ته ڪشميري ڀائرن جي عالمي سطح تي ڀرپور ترجماني جاري رکنداسين، انهن جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رهندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم عمران خان، مراد علي کي وفاقي وزير مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان مراد سعيد کي وفاقي وزير مقرر ڪرڻ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے