11 منگل , دسمبر 2018

سنڌ ۾ فرانزڪ ۽ ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ ليبارٽري قائم ڪرڻ تي زور

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ فرانزڪ ۽ ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ ليبارٽري قائم ڪرڻ جي حوالي سان چيف سيڪريٽري ممتاز علي شاهه جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته بنا دير فرانزڪ ليب قائم ڪرڻ لاءِ ماهرن کي شامل ڪيو وڃي، ليب لاءِ 30 ايڪڙ زمين ڏني وئي آهي، فنڊ به فراهم ڪيا ويندا. اجلاس ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۽ لمس ڄامشورو ليبارٽريز لاءِ فنڊ فراهم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. چيف سيڪريٽري ناڻي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته ٻن ڏينهن ۾ ڪراچي يونيورسٽي کي 220 ملين رپيا جاري ڪيا وڃن. اجلاس ۾ ڊي اين اي جا نمونا حاصل ڪرڻ لاءِ پوليس ۽ ايم ايل او جي ٽريننگ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. ممتاز علي شاهه هدايت جاري ڪندي چيو ته ڪراچي يونيورسٽي ۽ لمس ڄامشورو جي ماهرن جي نگراني هيٺ تربيت فراهم ڪئي وڃي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

حددخلين خلاف آپريشن: عدالت مان انصاف جي اميد آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب حددخلين خلاف جاري آپريشن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے