23 بدھ , جنوری 2019

پاڪستان ۽ دبئي ۾ وائٽ ڪالر ڪرائم، مني لانڊرنگ جي روڪٿام سميت مختلف معاملن تي اتفاق

دبئي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان طرفان دبئي جي دوري جي گڏيل پڌرائي جاري ٿي وئي آهي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن پنهنجي لاڳاپن کي ڊگهي اقتصادي ڀائيواري ۾ تبديل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جڏهن ته وائٽ ڪالر ڪرائم خلاف قدم کڻڻ ۽ مني لانڊرنگ جي روڪٿام لاءِ به اتفاق ڪيو ويو. عمران خان دبئي جي ولي عهد شيخ محمد زيد بن سلطان النهيان جي دعوت تي پنهنجي وفد سان گڏ گڏيل عرب امارتن ۾ پهتو، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، ناڻي وارو وزير اسد عمر، پيٽروليم وارو وزير غلام سرور، توانائي وارو وزير ۽ واپار بابت صلاحڪار وزيراعظم سان گڏ هئا، جڏهن ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اڳ ئي دبئي ۾ موجود هو. وزيراعظم عمران خان جو دورو مڪمل ٿي ويو آهي، جنهن جي پڌرائيءَ به جاري ڪئي وئي آهي. پڌرائيءَ موجب ٻنهي ملڪن ڊگهن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي انهن کي اقتصادي ڀائيواري ۾ تبديل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ۽ تاريخي لاڳاپن لاءِ فوري طور قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو. گڏيل پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻنهي پاڻ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي فوري طور وڌائڻ تي اتفاق سميت معاملن ۾ پيش ايندڙ رنڊڪون فوري طور ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پڌرائي موجب گڏيل عرب امارتن جي وفد به دوري تي اطمينان جو اظهار ڪندي واپاري سطح تي سيڙپ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، جڏهن ته ٻنهي ملڪن واپار، توانائي، زراعت، انفرا اسٽرڪچر جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي به راضپو ظاهر ڪيو. پڌرائي ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي گڏيل ڪميشن قائم ڪئي ويندي، جنهن جو اجلاس ايندڙ سال فيبروري ۾ دبئي ۾ ئي ٿيندو، اهو به طئي ڪيو ويو آهي ته ڪميشن جي گڏيل صدارت پاڪستان ۽ دبئي جا پرڏيهي وزير ئي ڪندا، ان سان گڏوگڏ ٻنهي ملڪن جاري معاهدن کي فوري طور مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته پاڪستان ۽ دبئي ٻه طرفي عسڪري سهڪار تي اتفاق ڪندي دفاعي پيداوار ۽ فوجي مشقون وڌائڻ جو اعلان ڪيو. گڏيل عرب امارتن جي ولي عهد دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين کي تسليم ڪندي چيو ته ان ويڙهه ۾ پاڪستان وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. پڌرائي موجب ٻنهي ملڪن دهشتگردي خلاف گڏيل لائحا عمل اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪندي ان کي پاڙئون پٽڻ لاءِ هنگامي طور قدم کڻڻ تي به اتفاق ڪيو، جڏهن ته وائٽ ڪالر ڪرائم تي ضابطي لاءِ به معاهدو طئي ٿيو، ان سان گڏوگڏ ڊرگ، انساني اسمگلنگ توڙي مني لانڊرنگ جي روڪٿام لاءِ به هنگامي قدم کڻڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي وئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پوليس شاهد پيش نٿي ڪري سگهي انصاف ڇا ڏياريندي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي ايم شيخ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے