10 پیر , دسمبر 2018

رپورٽ: ڪراچي: ايمپريس مارڪيٽ ۾ حددخلين خلاف آپريشن، ڇڪتاڻ واري صورتحال

ڪراچي جي علائقي صدر ايمپريس مارڪيٽ ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪندڙ ٽيم تي دڪاندارن حملي ڪري ڏنو، جنهن دوران سينيئر ڊائريڪٽر اينٽي انڪروچمنٽ ڪي ايم سي بشير صديقي ڀڃي جان بچائي.

ايمپريس مارڪيٽ ۽ ڀرپاسي ۾ قائم حددخلين جي خاتمي لاءِ گرينڊ آپريشن جاري آهي، ڪي ايم سي 120 دڪانن کي اڄ صبح تائين خالي ڪرڻ جا نوٽيس جاري ڪيا هئا،

 ڪي ايم سي جي ٽيم دڪانن کي مسمار ڪرڻ لاءِ هيوي مشينري سان پهتي ته مڇريل ماڻهن مٿن حملو ڪري ڏنو.

ڪي ايم سي جي مدد لاءِ پوليس جي وڏي نفري علائقي ۾ موجود هئي پر اها ڪجهه نه ڪري سگهي جڏهن ته رينجرز ڪارروائي ڪندي هڪ شرپسند کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

 حملي کانپوءِ ڪي ايم سي عارضي طور تي آپريشن روڪي ڇڏيو آهي، اينٽي اينڪروچمنٽ ٽيم هيوي مشينري سان گڏ صدر ۾ موجود آهي ۽ پوليس جي واڌو نفري طلب ڪئي وئي آهي……………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي اردو تحقيقي ڪتاب “ سنڌي ثقافت ڪا نيا دور” جي مهورت

ناميارن ليکڪن، شاعرن،  اديبن ۽ محققن چيو آهي ته ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي سنڌي ثقافت تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے