10 پیر , دسمبر 2018

صدر ۾ رينبو سينٽر ۽ ڀرپاسي حددخلين خلاف آپريشن جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي صدر ۾ رينبو سينٽر ۽ ان جي ڀرپاسي حددخلين خلاف آپريشن جاري آهي. اينٽي انڪروچمينٽ ڊائريڪٽر موجب صدر ۾ رينبو سينٽر ۽ ان جي ڀرپاسي فٽ پاٿن، نالن ۽ پارڪ تي قائم حد دخليون ڊاٿيون پيون وڃن. رينبو سينٽر جي ڀرپاسي 122 دڪان ڊاٿا ويا آهن، جڏهن ته عبدالله هارون روڊ تي به غير قانوني طور قائم ڪيل 16 دڪان پَٽ ڪيا ويا. سندس چوڻ هو ته اڄ آپريشن دوران 150 کان وڌيڪ دڪان ڊاٿا ويا، سڀاڻي به آپريشن جاري رهندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

جڏهن لڳو ٽيم منهنجي ڪري هارائي ٿي ته ڪپتاني ڇڏي ڏيندس: سرفراز احمد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته جڏهن مون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے