11 منگل , دسمبر 2018

رپورٽ: احڪومت جيڪي واعدا ڪيا اهي پورا ڪري پئي: فواد چوڌري

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته تحريڪ انصاف جيڪي واعدا ڪيا اهي پورا ٿيندا، پهريون واعدو چورن جي احتساب جو ڪيو جيڪو پورو ڪري ڏيکارينداسين.

جهلم ۾ تقريب کي خطاب ڪندي فواد چوڌري چيو ته اسپتالن جي حالت تي افسوس ٿيندو آهي، هتي ماڻهو کنگهه ٿيڻ تي لنڊن هليا ويندا آهن.

وفاقي وزير چيو ته عوام کي پيئڻ جو پاڻي ناهي ۽ حڪمران ميٽرو ٺاهيندا رهيا، اسان جي تعليمي ادارن ۾ ٻارڙن کي انگريزي پڙهائڻ وارو استاد ناهي،  حڪمرانن جا ٻار لنڊن ۽ آمريڪا ۾ پڙهي رهيا آهن.

هن چيو ته بلوچستان کي 1500 ارب رپيه ڏنا ويا پر هڪ اسپتال نه ٺهي سگهي، کربين رپيه ڪاڏي ويا، اسان کي حساب گهرجي.

هن چيو ته جيڪڏهن پارليامينٽ اهڙي نموني هلائي وئي ته ملڪ نه هلي سگهندو، عمران طان طاقتور مڪاني نظام جي ڳالهه ڪندو آهي، عام ماڻهو جي نمائندگي نه ڪندڙ جمهوريت ڪئين هلندي.

فواد چوڌري چيو ته سعد رفيق موٽرسائيڪل سان سياست جي شروعات ڪئي، وٽس اڄ 10، 10 گاڏيون آهن..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| چيلهار: ڳوٺ ٻٽڙا جي ڊسپينسري جي نئين عمارت کنڊرات ۾ تبديل

چيلھار ڀرسان ڳوٺ ٻٽڙا ۾ صحت جون سھولتون اڻلڀ ٿي ويون، نئين ٺاھيل ڊسپينسري واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے