11 منگل , دسمبر 2018

ابوظهبي ٽيسٽ: نيوزيلينڊ سخت مقابلي کانپوءِ پاڪستان کي هارائي ڇڏيو

Pakistan fall short as NZ win Abu Dhabi thriller

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز )ابوظهبي ٽيسٽ ۾ نيوزيلينڊ دلچسپ مقابلي کانپوءِ پاڪستان کي چئن رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ابوظهبي جي شيخ زيد اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڪيوي ٽيم کٽڻ لاءِ قومي ٽيم کي 176 رنسن جو هدف ڏنو، جنهن جي جواب ۾ قومي ٽيم 171 رنسن تي ڍير ٿي وئي. هڪ طرفو مقابلو ان وقت دلچسپ مرحلي ۾ داخل ٿي ويو جڏهن ته قومي ٽيم جا بيٽسمين هڪ ٻئي پٺيان آئوٽ ٿيندا رهيا، پنج بيٽسمين ڊبل فگر ۾ داخل به نه ٿي سگهيا جن مان ٽه کاتو کولڻ بنا پويلين روانا ٿيا. ابوظهبي ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن پاڪستاني ٽيم بنا ڪنهن وڪيٽ جي نقصان تي 37 رنسن سان پنهنجي ٻي نامڪمل اننگز اڳتي وڌائي ته ٻئي اوپنر امام الحق ۽ محمد حفيظ پنهنجي اسڪور ۾ رڳو 2، 2 رنسن جو وڌارو ڪرڻ کانپوءِ آئوٿ ٿي ويا، امام الحق ۽ محمد حفيظ ترتيبوار 27 ۽ 10 رنسون اسڪور ڪيون ، حارث سهيل به رڳو 4 رنسن جو مهمان ثابت ٿيو ، قومي ٽيم جون 3 وڪيٽن 48 رنسن تي ڪرڻ کانپوءِ سينيئر جوڙي اسد شفيق ۽ اظهر علي ذميواراڻي راند جو مظاهرو ڪندي  82 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي. اسد شفيق 45 رنسن جي اننگز کيڏڻ بعد پويلين موٽيو، 130 رنسن جي گڏيل اسڪور تي اسد شفيق جي وڪيٽ ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان بيٽنگ لائن هڪ ڀيرو وري ڏکائين جو شڪار ٿي وئي. جنهن کانپوءِ ايندڙ بيٽسمين به خاطر خواهه ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيا، بابر اعظم 13، ڪپتان سرفراز 3، جڏهن ته بلال آصف، ياسر شاهه ۽ حسن علي کاتو به نه کلي سگهيا، وڪيٽون ڪرڻ باوجود اظهر علي ڪيوي بالرن اڳيان مزاحمت ڪندو رهيو، ڪاميابي کان رڳو پنجن رنسن جي مفاصلي تي هو ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿي ويو هن پاڪستان طرفان سڀ کان وڌيڪ 65 رنسن جي اننگز کيڏي. ڪيوي ٽيم طرفان پنهنجي پهرين ٽيسٽ ميچ کيڏندڙ اعجاز پٽيل 5 قومي بيٽسمين کي پويلين ڀيڙو ڪيو، جڏهن ته نيل واگنر ۽ ايش سوڌي  2-2 شڪار ڪيا. بهترين بالنگ تي اعجاز پٽيل کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. ان کان اڳ راند جي ٽئين ڏينهن نيوزيلينڊ جي ٽيم ٻي اننگز ۾ 249 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي جنهن کانپوءِ پاڪستان کي ميچ کٽڻ لاءِ 176 رنسن جو هدف مليو. ڪيوي ٽيم طرفان ٻي اننگز ۾ واٽلنگ 59، نڪولس 55 ۽ راول 46 رنسن سان نمايان رهيا، جڏهن ته ياسر شاهه ۽ حسن علي 5-5 وڪيٽون حاصل ڪيون. واضح رهي ته نيوزيلينڊ جي سموري ٽيم پنهنجي پهرين اننگز ۾ 153 رنسن تي ڍير ٿي وئي هئي جنهن جي جواب ۾ قومي ٽيم پنهنجي پهرين اننگز ۾ بابر اعظم جي ففٽي جي مدد سان 227 رنسون ٺاهيون هيون. ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ نيوزيلينڊ کي 1-0 جي سرسري حاصل ٿي وئي آهي، سريز جي ٻي ميچ 24 کان 28 نومبر تائين دبئي ۾ کيڏي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي پي اين اي جو رهتن جي ادائگي لاءِ اڄ احتجاجي مظاهرو

ڪراچي ( رپورٽر) ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز ( سي پي اين اي ) …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے