14 جمعہ , دسمبر 2018

رپورٽ:جروار: پاڻي ڀرڻ تان بااثر جو پورهيت تي تشدد

*جروار ويجهو پورهيت پاران نلڪي تان پاڻي ڀرڻ تي بااثر مڇرجي کيس وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو .

ڳوٺ دين محمد لنڊ ۾ لنڊ برادري جي بااثرن اختر ۽ ديدار لنڊ نلڪي مان پاڻي ڀرڻ تي پورھيت چوھڙ مارواڙي تي لٺين جو وسڪارو ڪري کس مرڻينگ ڪري ڇڏيو .

 پورھيت  چوھڙ مارواڙي صحافين کي ٻڌايو ته جر جو پاڻي اصل کان ئي کارو آھي ان جي ڪري ئي ويجھڙائي ۾ اسان لنڊ برادري  جي ماڻهن  جي نلڪي مان پاڻي روز جي بنياد تي ڀرڻ ويندا آهن .

 پورھيت ٻڌايو ته بااثرن اھو سبب ڄاڻائي تشدد ڪيو  ته سندن پوکيل زمين ۾ ڪڻڪ جو فصل اوھان جي اچڻ سان لتاڙجي ٿو ، ايئن چئي بس ھنن لٺين جو  وسڪارو لائي ڏنو.

 هن ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کي بااثر خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڊگهڙي  جي  نادرا  عملي جي مبينا زيادتين خلاف  شهرين احتجاج

ڊگهڙي  جي  نادرا  عملي جي مبينا زيادتين خلاف  شهرين احتجاج ڪيو غلام الله چانگ ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے