13 جمعرات , دسمبر 2018

رپورٽ:احمد پور: امن ڪاميٽي جي عهديدارن جي چونڊ، محمد يونس ميتلو چيئرمين چونڊجي ويو

احمد پور ۾ سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر شير بهادر ميتلو جي رهائش گاھ تي امن ڪاميٽي جي عهديدارن جي چونڊ  ضلعي صدر رحمت علي رڏ جي صدارت هيٺ ٿي، جنهن ۾ امن ڪاميٽي جي ميمبرن ۽ عهديدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 ان موقعي تي امن ڪاميٽي ڪنگري جا عهديدار چونڊياويا جنهن ۾ تعلقي ڪنگري جو چيئرمين محمد يونس ميتلو ۽ وائيس چيئرمين ثناءُ الله گلال چونڊيو ويو.

قيوم احمد لاکو صدر  ، نائب صدر رضوان حسين چنا ، سينئير نائب صدر وسيم علي گھمرو ، سينئير نائب صدر محمد اسلم سومرو ، جنرل سيڪريٽري اشرف علي ميتلو ، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عرفان علي گلال چونڊيا ويا.

ان موقعي تي   ضلعي صدر رحمت علي رڏ قيوم لاکي ۽ ٻين گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته امن ڪاميٽي جو مقصد امن، ڪرپشن جي روڪٿام ۽ غريب مسڪينن سان ٿيندڙ ناانصافين لاءِ پاڻ پتوڙڻ آهي جڏهن تھ ملڪ ۾ امن هوندو ته ملڪ ترقي ڪندو.

 ان موقعي تي عبدالقيوم لاکو، عبدالرزاق سومرو ، فهيم علي چنه  ۽ ٻيا ڪيترائي ماڻهو موجود هئا………..

رپورٽ-  نديم  راجا ميتلو

هي به ڏسي سگهو ٿا

خيرپور: سنڌ ايريگيٽيڊ ايگريڪلچر پروڊڪٽوٽي سنڌ طرفان زراعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سيمينار

خيرپور ۾ سنڌ ايريگيٽيڊ ايگريڪلچر پروڊڪٽوٽي سنڌ طرفان زراعت کي هٿي وٺرائڻ ۽ نهري پاڻي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے