18 پیر , فروری 2019

فواد چوڌري فسادي ۽ فراڊ چوڌري آهي: ناصر شاهه

ملير(ڊ ر ) صوبائي وزير ورڪس اينڊ سروسز سيد ناصر شاهه  چيو آهي ته سپر هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي کي ملائيندڙ لنڪ روڊ ۽ ان تي تعمير ٿيل  پيلن جي حالت خراب آهي، جنهن جو سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نوٽس ورتو آهي، جنهن جي نوٽيس تي اڄ لنڪ روڊ جو معائنو ڪيو آهي ۽ عملي کي فوري هدايت ڪئي آهي ته پلين جي نئين سر تعمير ۽ روڊ جي مرمت جو ڪم فوري طور شروع ڪيو وڃي. جيستائين پليون ۽ روڊ تعمير ٿين ان لاءِ متبادل رستا ٺاهيا وڃن. سيد ناصر شاهه چيو ته شڪايت ملي آهي ته لنڪ روڊ تي اين ايڇ اي پاران غير قانوني ٽول قائم ڪيو آهي جيڪو مقامي ماڻهن کان زبردستي ٽول اوڳاڙي مقامي ماڻهن کي پريشان ڪري رهيو آهي. اهو ٽول به فوري طور ختم ڪيو ويندو. ناصر شاهه چيو ته آصف زرداري سدائين ڪيسن کي منهن ڏنو آهي ۽ 11 سال جيل ڪاٽيو آهي، فواد چوڌري فساد ۽ فراڊ چوڌري آهي ان تي ڳالهائڻ وقت جو زيان آهي، هن چيو ته انور مجيد ۽ سندس پٽن جو ڪيس اسلام آباد منتقل ڪرڻ وارو معاملو عدالتي ڪاروائي هيٺ آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جي قول ۽ فعل ۾ فرق آهي. هڪ طرف عمران خان جي ڀيڻ عليمان کي رليف ڏنو وڃي ٿو ته ٻئي طرف آصف زرداري جي ڀيڻ کي عدالتن جا چڪر ڪٽرايا پيا وڃن. هن چيو ته عمران خان جيڪو يو ٽرن وارو فارمولو ڏنو آهي ان کي اسان پنهنجي ٻولي ۾ ڪوڙو ماڻهو چوندا آهيون. سياست ۾ يو ٽرن نه پر سائيڊ ٽرن ٿي سگهن ٿا. ان موقعي تي موجود ايم اين اي ڄام عبدالڪريم جوکيو چيو ته عوامي جي مسئلن کي حل صرف پيپلز پارٽي ئي ڪري سگهي ٿو ڇو ته پيپلز پارٽي جا چونڊيل نمائندا عوام جي وچ ۾ ئي رهن ٿا، صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ چيو ته لنڪ روڊ جي معاملي تي صوبائي وزير ورڪس اينڊ سروسز جو اچڻ سٺو عمل اهي ۽ جلد ئي لنڪ روڊ جي مرمت جو ڪم شروع ٿي ويندو. ايم پي اي ساجد جوکيو چيو ته ملير جي مسئلن کي جلد حل ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارتي ايجنسين مودي کي اليڪشن کٽائڻ لاءِ پاڻ حملو ڪرايو: رپورٽ

اسلام آباد (م ڊ) والاريل ڪشمير جي ضلعي پلواما ۾ آپگهاتي حملي ۾ 42 ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے