12 بدھ , دسمبر 2018

نئين پاڪستان وارن پراڻي پاڪستان جا بنياد به لوڏي ڇڏيا، معيشت جو ٻيڙو ٻڏي پيو: بلاول

گلگت (م ڊ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته نئين پاڪستان جي نالي پراڻي پاڪستان کي تباهه ڪندڙن جو رستو روڪينداسين ۽ کين پاڪستان کي سندن تجربي گاهه بڻجڻ نه ڏينداسين. گلگت جي پولو گرائونڊ ۾ رٿيل جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نئين پاڪستان وارن پراڻي پاڪستان جا بنياد لوڏي ڇڏيا آهن، چونڊن کان اڳ عوام کي وڏا وڏا خواب ڏيکاريا ويا، جيڪي ماڻهن کي ياد آهن پر هو پاڻ ويساري ويٺا آهن. بلاول ڀٽو حڪومت کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته کين ماڻهن جا پٽڪا لاهڻ مان فرصت ملي ته معيشت ڏانهن ڌيان ڏين، اڃا 100 ڏينهن به پورا ناهن ٿيا 100 کان وڌيڪ ته يوٽرن وٺي چڪا آهن، جيڪي قرض وٺڻ تي آپگهات کي ترجيح ڏين پيا اهي قرض ملڻ تي مٺايون ورهائي رهيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ڏهن رپين جي ماني، 15 رپين جو نان اهو آهي نئون پاڪستان، واهه ڙي واهه عمران خان، اڄ ملڪ سنگين بحراني صورتحال مان گذري رهيو آهي ۽ قيادت جو بحران آهي، وڙهڻ کان سواءِ کين ٻيو ڪو ڪم نٿو اچي، هي ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍندا. بلاول ڀٽوزرداري جو چوڻ هوته ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ ضد ۽ انا کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته نئين پاڪستان ۾ مشاورت، برداشت، اظهار جي آزادي ۽ پارليامنٽ جو ادب نه هلندو، هتي اهو ئي ٿيندو جيڪو خان صاحب فرمائيندو ۽ اهو ئي هلندو رهندو جيڪو ڪنٽينرن تي ٿيندو رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته منهنجي جدوجهد عوام جي حڪمراني تي ٻڌل آهي، منهنجو گلگت سان ٽن نسلن جو رشتو جڙيل آهي،  شهيد ڀٽو ۽ بي بي جيڪو رشتو نڀايو اهو نڀائڻ جو واعدو ڪريان ٿو، پاڪستان جي مضبوطي لاءِ جدوجهد جاري رکندس. بلاول ڀٽو چيو ته گلگت ۾ شهيد بي بي سول سيڪريٽريٽ قائم ڪيو، عدالتي نظام ۾ بهتري آندي، پر گذريل حڪومت گلگت بلتستان جي خودمختياري تي حملا جاري رکيا. پ پ چيئرمين چيو ته اڄڪلهه تبديلي جا واعدا ڪيا پيا وڃن، تبديلي جي شروعات گلگت بلتستان فنڊ ۾ 4 ارب جي ڪمي سان ڪئي وئي ۽ 18 رٿائن کي ختم ڪيو ويو. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري جي ترجمان مصطفيٰ نواز کوکر جو چوڻ هو ته گلگلت بلتستان جي ماڻهن جو جوش جذبو ٻڌائي رهيو آهي ته پيپلز پارٽي اڪيلي وفاقي پارٽي آهي. ترجمان چيو ته رڳو پيپلز پارٽي ئي وفاق کي گڏ رکڻ ۽ سڀني کي حق ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي، اسان جي جماعت گلگت بلتستان جي عوام کي حق ڏنا جيڪي گذريل حڪومتي دور ۾ کسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ترجمان وڌيڪ چيو ته يوٽرن وٺڻ وارن کي ڪهڙي خبر ته وفاق جا ڪهڙا مسئلا آهن ۽ وفاق کي ڪيئن متحد رکي سگهجي ٿو.043041

هي به ڏسي سگهو ٿا

مرتضٰي وهاب ايپڪس ڪاميٽي مان گورنر کي ڪڍڻ وارو تاثر رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير جي اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت صلاحڪار بئريسٽر مرتضٰي وهاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے