13 جمعرات , دسمبر 2018

پاڪستان ۽ ابوظهبي طرفان دهشتگردي جي مذمت، بچاءَ، واپار ۽ ٻين شعبن ۾ سهڪار تي اتفاق

ابوظهبي (م ڊ) وزيراعظم عمران خان ۽ شيخ محمد زيد النهيان جي ملاقات جو گڏيل پڌرنامو جاري ڪندي ٻه طرفن لاڳاپن، بچاءَ، واپار ۽ اقتصادي حصيداري ۾ سهڪار تي اتفاق ڪيو ويو آهي. وزيراعظم عمران خان گڏيل عرب امارات جي نائب صدر ۽ وزيراعظم شيخ محمد بن راشد المڪتوم جي ملاقات ۾ پڌرنامو جاري ڪندي چيو ويو آهي ته ٻنهي ملڪن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن جي ڊگهي مدت اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي حصيداري ۾ بدلائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن تاريخي حصيداري جي واڌاري لاءِ بنا دير قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو. ٻه طرفن علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. واپار ۽ اقتصادي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي به ڳالهيون ڪيون ويون. پڌرنامي ۾ ٻنهي ملڪن تربيت، گڏيل فوجي مشقن بچاءَ، پيداوار ۽ سلامتي جي شعبن ۾ سهڪار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن غور هيٺ ٺاهن کي جلد آخري شڪل ڏيڻ لاءِ مشاورت جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻڻ دهشتگردي جي مذمت ڪئي ۽ دهشتگري خلاف جنگ کي گڏجي شڪست ڏيڻ ۽ انتهاپسندي جي خاتمي تي سهڪار ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي ملڪن ۾ گڏيل وزارتي ڪميشن جو اجلاس ايندڙ سال فيبروري ۾ ٿيندو. ٻنهي اڳواڻن چيو ته رواداري ۽ عدم مداخلت سان ئي پائيدار امن استحڪام ممڪن آهي، ان موقعي تي دهشتگردي خلاف پاڪستان جي قربانين جي تعريف ڪئي. وزيراعظم عمران خان جو گڏيل امارات جي دوري دوران ايئرپورٽ پهچڻ تي مملڪتي وزير جابر بن سلطان استقبال ڪيو ۽ صدارتي محل پهچڻ تي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. وزيراعظم سان آرمي چيف قمر جاويد باوجوه، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ناڻي وارو وزير اسد عمر، توانائي، پيٽروليم ۽ واپار وارو صلاحڪار به گڏ هو.043041

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان يوٽرن جي حوالي سان پنهنجي بيان تي قائم رهندي چيو آهي ته غيرقانوني ملڪيت لڪائڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ  نشاني آهي، وزيراعظم عمران خان سماجي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪندي چيو ته منزل  تائين پهچڻ  لاءِ يوٽرن وٺڻ هڪ عظيم ليڊر جي نشاني آهي، جيئن ڪوڙ جو سهارو وٺي چوري جو مال بچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ بي ايماني آهي.0441

هي به ڏسي سگهو ٿا

خواجا ڀائرن جي گرفتاري، آصف علي زرداري پاران سخت مذمت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري مسلم ليگي اڳواڻن خواجا سعد رفيق ۽ سندس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے