10 پیر , دسمبر 2018

منهنجا ٻار ٻاهر وڃي ڪاروبار نه ڪن ها ته ڇا خيرات وٺن ها: نواز شريف

 اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي تاحيات قائد نواز شريف احتساب عدالت ۾ بيان قلبند ڪرائيندي چيو آهي ته پاناما جي آءِ ٽي جاچ دوران جيڪي بيان قلمبند ڪيا اهي قبولڻ جوڳيون شاهديون نه آهن، جي آءِ ٽي جي جاچ تعصب تي ٻڌل ۽ ثبوتن کانسواءِ آهي. اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ نواز شريف خلاف العزيزيه ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي ته اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف پيش ٿيو ۽ چوٿين ڏينهنبه 342 جو بيان قلبند ڪرايو. نواز شريف مجموعي طور تي 151 سوالن جا جواب ڏنا. نواز شريف روسٽرم تي سوالن جا جواب قلبند ڪرائيندي چيو ته منهنجي اڪائونٽ ۾ پرڏيهه مان آيل رقم درست ظاهر ڪئي وئي آهي، جي آءِ ٽي جاچ دوران جيڪي بيان قلمبند ڪيا اهي قبولڻ جوڳيون شاهديون نه آهن، جاچ ايجنسي سامهون ڏنل بيان عدالت ۾ شاهدي طور پيش نه ٿو ڪري سگهجي ۽ جي آءِ ٽي جي جاچ تعصب تي ٻڌل ۽ شاهدي کانسواءِ آهي.  هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ حسن ۽ حسين جو ڪيس مان نه وڙهيو، حسن ۽ حسين نواز جو بيان منهنجي خلاف شاهدي طور پيش نه ٿو ڪري سگهجي، جي آءِ ٽي طرفان قلمبند ڪيل بيان جي قانون جي نظر ۾ ڪابه حيثيت ناهي. نواز شريف بيان لکائيندي لکائيندي جذباتي ٿي ويو ۽ لکت بيان ڇڏي سڌو جج سان مخاطب ٿي ويو ۽ چيو ته مون کي اڄ تائين سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هي ڪيس ڇو ٺاهيو ويو آهي، فريادي ڌر کي به خبر نه هوندي ته منهنجي خلاف ڪيس ڇو ٺاهيو ويو آهي، سڄي دنيا ۾ ٻار ٻاهر پڙهندا ۽ ڪاروبار ڪندا آهن، منهنجي ٻارن جيڪڏهن مون کي رقم موڪلي تي ڪهڙو عجوبو ٿي ويو، مان وزيراعظم رهيو آهيان منهنجا ٻار  هتيڪاروبار ڪن ته مصيبت، ٻاهر ڪاروبار ڪن ته پوءِ به مصيبت، منهنجي ٻارن سٺو ڪيو ٻاهر ڪاروبار ڪيو، مان سياست ۾ هيس ۽ وزيراعظم هئڻ سبب مون کي  پنهنجي ڪم لاءِ وقت نه هو. نيب پراسيڪيوٽر نواز شريف جي مقالمي تي اعتراض ڪندي چيو ته ڪيس هي ناهي ته توهان پرڏيهه ۾ ڪاروبار ڇو ڪيو ٿا، ڪيس هي آهي ته پرڏيهه ۾ ڪئين ڪاروبار ڪيو ٿا.  نواز شريف چيو ته حڪومت اسان کي ڌڪا نه ڏي ها ته ٻار هتي ڪاروبار ڪن ها، اسان کي پهريون 1971ع ۾ ڌڪا ڏئي ڪڍيو ويو پوءِ 1999ع ۾ ڪڍيو ويو، جيتوڻيڪ 1971ع ۾ مان سياست ئي شروع نه ڪئي هئي، اسان خوشي سان پرڏيهه نه ويا آهيون،  منهنجا ٻار ٻاهر وڃي ڪاروبار نه ڪن ها ته ڇا پنن ها، اسان خلاف ڪرپشن يا ڪڪ بيڪ جو ڪو به ثبوت ناهي، ٻارڙن جي ڪاروبار بابت سرڪاري رقم جي خرد برد نه ڪئي وئي، مان پاڻ سمجهڻ کان لاچار آهيان ته منهجي خلاف هي ڇا آهي؟

هي به ڏسي سگهو ٿا

جڏهن لڳو ٽيم منهنجي ڪري هارائي ٿي ته ڪپتاني ڇڏي ڏيندس: سرفراز احمد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته جڏهن مون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے