15 ہفتہ , دسمبر 2018

وڏو ليڊر ٿيڻ لاءِ مارڪيٽ ۾ آيل ”يوٽرن“ جو نئون نسخو

امير ڀنڀرو

ٻه  ڏينھن اڳ  ڪالم نويسن سان ملاقات دوران وزيراعظم عمران خان پنھنجي اصليت بيان ڪندي چيو آهي  ته جيڪو ليڊر يوٽرن نه ٿو وٺي اھو سياستدان ئي نه آھي ۽ اھو ليڊر ئي ناھي جنھن کي يوٽرن جي خبر ناھي عمران خان اهو به واضح ڪيو ته ھٽلر ۽ نيپولين يو ٽرن نه وٺي پنھنجو ۽ پنھنجي ملڪ جو نقصان ڪيو ٻين لفظن ۾ سندس چوڻ جو مقصد صاف ظاھر ٿي ويو ته سياست ٺڳي دوکي ۽ يوٽرن  جو نالو آھي، عوام جي ووٽن تي مذاق ڪرڻ ۽ واعدا ڪري ڦري وڃڻ کي ئي سياست چئبو آھي،

عمران خان جي سياسي سنجيدگي قول ۽ فعل واري انت مان اتان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن جيڪي پوري زندگي پنهنجي سياسي زندگي قول ۽ فعل بابت وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪيون،  انهن ڳاليهن جي اندروني ڪهاڻي ڪهڙي آهي،  عمران خان ڳالهيون ته هٽلر ۽ نيپولين جي مثال سان ڪيون آهن پر هن جيڪي ڳالهين ڪيون آهن هن ملڪ جو اهو سياسي ذهن سامهون آڻين ٿيون جنهن مشرف جهڙن سياسي ذهنن نه صرف ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙيو پر هنن سياسي اخلاقيات جا به اهي در بند ڪيا جيڪي ملڪ جي سياست جي سڃاڻپ هئا تازو عمران خان جي يوٽرن تي فخر ڪرڻ واري ڏنل بيان مان ڇا اسان هاڻي اهو طئي ڪري ويهون ته هن ملڪ جي سياسي اخلاقيات جي اها سطح آهي  ۽ هن ملڪ ۾ جيڪا به سياست ۽ حڪمراني ٿئي پئي اها صرف ۽ صرف يوٽرن عوام سان دوکو ملڪ سان دوکو سياست رڳو دوکي جي نالي تي ٿئي پئي ڇا هن ملڪ ۾ سياست خدمت عبادت عوام سان واعدن جي پوئواري ملڪ جي ترقي لاءِ ڳالهيون ڪندڙ عمل ڪندڙن سياستدانن کي وڏو ليڊر نٿو چئي سگهجي ڇا هاڻي اسان جيڪو عوام سان واعدا ڪري انهن سان ڳالهين جا پهاڙ اڀا ڪري انهن جي اکين ۾ ڳالهين جا مرچ وجهي ووٽ وٺي وري اهو حڪومت ۾ اچي ۽ پوءِ ڪوڙ ٺڳي واعدن تي ڦري وڃي عوام مٿان مهانگائي جو بار وجهي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇا اسان هاڻي عمران خان جي ڏنل نئين نسخي يوٽرن موجب انهيءِ کي وڏو ليڊر تسليم ڪيون…؟

عمران خان پاڻ جيڪو ملڪي سياست ۾ وڏي ليڊر ٿيڻ وڏو ليڊر سڏجڻ جو نئون نسخو يوٽرن مارڪيٽ ۾ آندو آهي. ياد رهي ته  اهو نسخو ته عام ماڻهن جي زندگي رشتن  مٽن مائٽن  ۽ دوستن جي وچ ۾ ئي دوکو ۽ فراڊ سڏبو آهي ته اهري نسخي وارو وزير اعظم ملڪ ڪئين ٿو هلائي سگهي، اهڙي نسخي سان هن ملڪ کي ترقي ڪيئن ٿي ڏياري سگهجي اهو نسخو ته ملڪ سان اها دشمني آهي جيڪا هن ملڪ سان ملڪ دشمنن به ڪڏهن نه ڪئي آهي،   عمران خان اهڙين غيرسجيده ڳالهين مان عمران خان جي سوچن جي سفر جو اندازو ته آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو ته هو وزير اعظم جي انتهائي ملڪي ذميواريءَ واري ڪرسيءَ تي به اهڙيون ڳالهيون ڪري پاڻ کي چٽو ڪري ٿو ته اصل هن جي ذهنيت ڪهڙي آهي هو ڪهڙي معيار جو حڪمران ثابت ٿيو آهي،  پر اهو ياد رهي ته اهو معيار صرف عمران خان جو ذاتي آهي سياست ته هڪ اهڙو پيشو آهي جيڪي سڀ کان پهريان ئي عبادت جهڙو درجو رکي ٿو سياست خدمت جهڙو تصور رکي ٿي عوامي واعدن تي عمل جهڙو رشتو رکي ٿي  اخلاقيات جي اهڙي مثال جو درجو رکي ٿي جيڪا اخلاقيات مانائتي معاشرن جي سڃاڻپ هوندي آهي سياست کي يوٽرن جو نالو ڏئي وڏي ليڊر کي يوٽر جهڙي غير اخلاقي نالي سان ڀيٽا ڏئي عمران خان اهو محسوس ڪرائڻ چاهيو آهي ته وڏا ليڊر به هن جهڙا هئا جن ملڪ واعدن جي نالي تي ورتو ۽ يوٽرن جي نالي تي لٽيو اتي عمران خان لاءِ ايترو عرض ضرور ڪري سگهجي ٿو ته يوٽرن هن ملڪ جي سياست ۽ وڏي ليڊر ٿيڻ جي سڃاڻپ نه پر عمران خان جي اها ذاتي سڃاڻپ آهي عمران خان اهڙوين ڳالهيون ڪري ۽ مهان ماڻهن جا نالا کڻي پاڻ کي انهن جهڙو ثابت نٿو ڪري سگهي ڇو جو وڏو ماڻهون وڏو سياستدان وڏو ليڊر اهو ئي ٿي سگهي ٿو جيڪو ذهن جو وڏو هجي جيڪا انمول دولت عمران خان وٽ نه آهي.

عمران خان جيڪو ڪنٽينر تي ويهي به اهڙيون ڳالهيون ڪندو هو ۽ ملڪ جي اعليٰ ايوان ۾ ويهي به اهڙيون ئي ڳالهيون ڪري ٿو،  عمران خان کي فرق محسوس ٿيڻ گهرجي ته هڪ ڪنٽينر تان ويهي سياسي دڪان نه پر ملڪ جي اعليٰ ايوان مان ويهي ملڪ هلائي رهيو آهي، عمران خان کي ڪنٽينر تان ڪيل تقريرن ۽ ايوان ۾ ٿيندڙ تقريرن ۾ فرق ڪرڻ گهرجي هو ملڪ کي ڪنٽينر سمجهي نه هلائي ملڪ ۽ ڪنٽينر ۾ زمين آسمان جو فرق آهي ملڪ هلائڻ لاءِ وڏو ذهن وڏي سوچ وڏو فڪر ۽ اعليٰ قسم جي عوامي سوچ هجڻ تمام ضروري آهي جڏهن ته ڪنٽينر تان ٻين جي سياست جا عيب ڪڍڻ تمام آسان آهي، مان سمجان ٿو ته عمران خان چونڊن کان اڳ ڌرڻن ۾ يا چونڊن جي دوران جيڪي عمران خان جنون ۽ جوش مان اعلان ڪيا سي 100 ڏينھن اندر پورا نه ٿيڻ ۽ پنھنجي ناڪاميءَ کي لڪائڻ لاءِ يوٽرن جو نالو ڏئي رهيوآ هي،  جيڪڏهن عمران خان اهڙي ڳالهه نه ڪري ها پوءِ به عوام انهي کي اهڙي ئي ڀيٽا ڏئي ها پر هن سئو ڏينهن کان اڳ ئي نه صرف حڪومت پر پنهنجي به غير سجيده هجڻ جو اعتراف ڪيو آهي  ھن وقت عمران خان ملڪ ۾ جيڪا مهانگائيءَ جي باهه ٻاري آهي اها مهانگائي  پاڪستان اندر غربت جي جيڪا شرح کي واڌ ۾ وڏي هٿي ڏني آهي  تنھن کي روڪڻ عمران خان جي وس جي ڳالهه ناھي، ڇو ته عمران خان کي مليل اتفاقي حڪومت وٽ ھڪ ته خزانو خالي آھي ٻيو ته هي ملڪ وڏي سنجيده ذهنن جي سياستدانن جي طلب ۾ رهيو آهي پر هن ملڪ ۾ عمران جهڙي سياسي يوٽرن واري ذهن ملڪ جو پراڻو ٻيڙو به ٻوڙي ڇڏيو.

جيئن جنرل پرويز مشرف  پنھنجي پاڙيسري ملڪ سان دشمني وڌائي، تنھن جا نتيجا اڃان ڀوڳي رھيا آھيون، ائين ساڳي ريت عمران خان وارا بيان ڪٿي پاڪستان کي اڪيلو ڪري نه بيھاريِ ڇڏين ڇو جو ٻين ملڪ جا سرواڻ به ڪنهن ملڪ جي حاڪمن جو سڀ کان پهريان سوچ جاچيندا آهن جتي يوٽرن جهڙي سوچ کي ليڊر سڏيو وڃي، اتي اهڙي ملڪ جي وزير اعظم سان ڪير ناتو نڀائيدو  عمران حڪومت هڪ طرف  عوام مٿان جيڪو ھر روز مھانگائي جو بم ڪيري عوام جو جئيڻ جنجال ڪيو ٻئي طرف وري عمران حڪومت جي نابالغ سياسي ذهنن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙيو عمران خان  جنھن ماضيءَ ۾ چيو پئي ته قرض وٺي پاڻ کي شرمندو نه ڪيو نئون پاڪستان ٻين غريب ملڪن کي قرض ڏيندو، پر اقتدار ملڻ کان پوءِ کيس خبر پئي ته پاڻ کان وڌيڪ ڪو غريب آھي ئي ڪونه، سندس اعلان ته قرض وٺڻ سان آزادي ختم ٿي وڃي ٿي ۽ قوم غلام بڻجي ويندي آھي، پوءِ ڇا ھن وقت عمران سرڪار قرض وٺي قوم کي آزادي ڏني آھي يا غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙي ڇڏيو آھي؟ سندس چوڻ آھي ته جيڪڏھن ملڪ جو سربراھ قرض وٺي ٿو ته ملڪ ۽ قوم جي عزت خاڪ ۾ ملي وڃي ٿي جڏهن اسان جي سامهون سعودي ۽ چائنا آءِ ايم ايف جي قرضن کانپوءِ يوٽرن جهڙا ناياب نسخا سامهون اچي وڃن ٿا ته واقعي لڳي ٿو ته عوام جي عزت مٽيءَ ۾ ملي رهي آهي جنهن جا پيرا سياست جي انهيءَ غير سجيده صف ڏانهن وڃي رهيا آهن جيڪا سياست يوٽرن جهڙي تباهي واري نسخي کي وڏي ليڊر جي نشاني سڏي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنهنجي مادري ٻولي ۾ اڳتي وڌڻ سان ئي ترقي آ

ڊاڪٽر طلحه قريشي ڪنهن به انسان جو ادب ۽ فن سان لاڳاپو هڪ قدرتي عمل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے