10 پیر , دسمبر 2018

ساڀيا ماڻيندو سماج! 

حافظ سڪندر تنيو

هڪ دوست سوشل ميڊيا تي رنويرسنگھه ۽ دپيڪا جي شادي تي سنڌي گهوٽ ڪنوار کي پنهنجو ڀاءُ چئي کين واڌايون ڏنيون، جنهن تي ڪيترن هلڪڙي ذهنيت جي ماڻهن مٿن باهوڙ ڪئي ته  ڀاءُ رڳو مسلمان ئي پاڻ ۾ ٿي سگهن ٿا، ٻئي ڪنهن مذهب وارو نٿو ٿي سگهي. اسان کان وڌيڪ عرب اسلام کي سمجهندڙ آهين، جڏهن جواهر لال نهرو مصر جي صدر جمال عبدالناصر جي دعوت تي مصر ويو ته "مرحبا يااخي جواهر نهرو ”  جا بينر لڳايا ويا ته اسين پنهنجي ڀاءُ نهرو کي مصر اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا.

قرآن پاڪ ۾ ڪيترن ئي جاين تي نبين سڳورن جي نافرمان ماڻهن کي سندن قومي ڀائر سڏيو ويو آهي.مثال "والي’مدين اخاهم شعيباََ” چيو ويو ته مديني جي پرڳڻي ۾ رهندڙ وارن ڏانهن سندن ئي ڀاءُ شعيب کي نصيحت ڪرڻ لاءِ موڪليو سين. جنهن مان ثابت ٿيو ته قومي ڀائپي پڻ  الله پاڪ جي نظر ۾ اهميت جوڳي آهي.اڄ به عرب ملڪن ۾ جيڪي ماڻھو رهن ٿا سي ڪنهن به عرب کي يااخي يعني اي منهنجا ڀاءُ ڪري سڏي ڏسن ته عرب صاحب جو جلال ۽ غصو ڏسڻ جهڙو هوندو، هو کيس هندي، ايراني، افغاني هوندي عرب کي ڀاءُ سمجهڻ پنهنجي توهين سمجهندو آهي، اهڙي طرح اسان جا ڪيترا ئي ناسمجهھ ماڻهو هر غير مسلم مٿان ڪافر جو ٺپو هڻي ڇڏيندا آهين، پر اسلام جي ٻن وڏن مفڪرن مولانا عبيد الله سنڌي ۽ امام الهند ابوالڪلام آزاد پاران ڪڏهن به ڪنهن ٻئي مذهب واري کي ڪافر نه سڏيو ويو آهي.

وڌيڪ وزنائتي ڳالھه قرآن پاڪ جي آهي جنهن ۾ مڪي جي مشرڪن کان سواءِ، جيڪي ساڻن فلاحي رياست قائم ڪرڻ سبب نبي سائين جي انقلاب جي مخالفت ڪندي ساڻن وڙهڻ لڳندا هئا، تن کان سواءِ ٻئي ڪنھن مذهب واري يهودي نصاري کي ڪافر نه چيو آهي.ها جهڙي طرح اڄ اسان جي خطي ۾ اسلام جي اصلي صورت اڻ لڀ ٿي چڪي آهي، تيئن دنيا جي ٻين مذهبن سان پڻ ٿيو آهي، هندن ۾ هڪ فرقو اهڙو به آهي جيڪو بت پرستي جو مخالف آهي، پر گهڻائي ءَ جي گوڙ ۾ سندن آواز ڪوئي ٻڌڻ وارو ناهي، عيسائيت پڻ اڪيلي خدا جو تصور ڏنو آهي، پر سندس پادرين ۽ پوپن وٽ ٽن خدائن جو عقيدو آهي، يهودي پڻ حضرت يعقوب جي ڏنل پيغام تي عمل ڪندڙ آهن جن پنهنجي پيروڪارن کي چيو هيو اڪيلي الله سان ڪنهن کي شريڪ نه ڪجو، اسلام جو بنيادي عقيدو توحيد آهي، منجهانئس توحيد کي ڪڍي ڇڏجي ته بت پرستي ۾ ۽ اسلام ۾ فرق ئي ڏسڻ ۾ نه ايندو.

اڄ اسان هڪ نه پر هزارين خدائن آڏو ڪنڌ نمائي نوڙت ڪندي ڏسجي رهيا آهيون. هرهڪ مذهب جي بنيادي تعليم انسانيت دوست هوندي آهي پر ان ۾ بعد ۾ بگاڙ ايندو آهي جيڪي ان مذهب سان لاڳاپيل ماڻهو پنهنجي فرسوده رسمن کي، نيون بدعتون داخل ڪندي کين مذھب جي جاءِ تي رکي پاڻ لاءِ ٻوڙ پلاءُ پچائي وڏا ڍڍ ڀريندا آهن.

هندو ڌرم ۾ پڻ ماضيءَ ۾ سچائيءَ واريون ڌريون رهيون آهن. مهاڀارت هندستان جي مذهبي، سياسي تاريخ جو هڪ عظيم داستان رهيو آهي، جنهن ڀڳوت گيتا جي روپ ۾ روحانيت، سياست ۽ جهاد جي فلسفي جي سٺي نموني اپٽار ڪئي آهي. ويدڪ ڌرم جي بنياد تي قائم "هستناپور” جي مملڪت کي هڪ آريا راجا ڀرت ذهانت سان اوج رسايو، چڪرورتي (شهنشاهه) سڏجڻ کان پوءِ پنهن جي نون پٽن مان ڪنهن هڪ ۾ به حڪومت هلائڻ جي خوبي نه ڏسي، ڀري درٻار ۾ کين حڪومت ڪرڻ لاءِ نااهل قرار ڏنو هيو، ۽ هڪ ٻئي خاندان جي سٺين صلاحيتن واري ”ڀومينو“ نالي واري شخص کي تخت تي ويهاريو، اڳتي ھلي ان حڪومت ۾ انارڪي پيداٿي، جو هڪ حادثاتي طور حڪمران ٿيندڙ اکين جي نور کان آجو ”راجا ڌرت راشٽر“ حاڪم بڻيو جنهن پنهنجي سٺين صلاحيتن واري ڀائٽي يا ملڪ جي ٻين قابل ماڻهن کي حڪومت ڏيڻ بدران پنهنجي نااهل پٽ کي تخت تي ويهاريو، جنهن جي غلطين ڪري ماڻهو کانئس بيزار ٿي بغاوت ڪرڻ لڳا. جنهن تان ان دور جي هڪ عالمي جنگ پانڊوئن ۽ ڪوروئن وچ ۾ لڳي، جنهن جي اثر کان ڪوئي راجا يا رياست بچي نه سگهي، سنڌ جو راجا ”جيدرت“پڻ حق جو پاسو پانڊوئن جو ڇڏي ناحق پرست ڀائي جان وارن جيان ڪوروئن جو ساٿي بڻيو ۽جنگ ۾ ارجن جي هڪ تير سان سنڌ جي راجا جي سسي  ڌڙ کان ڌار ٿي ويئي. اهڙي طرح اسلام سان به ٿيو جو حضرت علي  جي ايماندار حڪمراني بعد ۾ سندس نسلي وارث سڏائيندڙ مسلم حاڪم پڻ خراب ڪرتوتن ۾ وڪوڙجي ويا، جنهن جو مثال ھندستان جي لکنئو ۾ اَوَڌَ جي حڪمران واجد علي شاھ جو سامهون آهي.

سياست جي دنيا پڻ عقيدت پرستي جي گهيري ۾ رهي آهي، ڪٿي وزير پرس کڻي هلن ٿا، ڪٿي هٿ چمچن ٿا، ڪٿي جتيون سڌيون ڪندي نظر اچن پيون، ورهاڱي کان اڳ موهن داس ڪرمچند گانڌي ۽ محمد علي جناح فقط هڪ سياستدان جي حيثيت رکندڙ ٻن پارٽين جا اڳواڻ هئا، جن سان اختلاف راءِ رکي سگهجي پيو، مٿن اخلاقي حدن اندر تنقيد پڻ ڪري سگهجي پئي، پر هاڻي اهي ٻيئي سياستدان ٻنھي ملڪن ۾ مقدس ۽ ناقابلِ تنقيد هستيون بڻايون ويون آهن، تن خلاف ڳالهائڻ پنهنجي سسيءَ جو خير گهرڻ بڻجي ويو آهي. اهو ڪجهھ لبرل ازم ۽ ڪميون ازم وغيره سان پڻ ٿي رهيو آهي.

ٻيو وڏو انساني سماج جو مسئلو ذات پات، هيٺاهين مٿاهين طبقات جو آهي، جنهن ۾ تنقيد جو نشانو رڳو هندو سماج کي بنايو پيو وڃي، پر جيڪڏهن تعصب جي عينڪ اکين تان لاهي ڏسجي ته مسلم سوسائٽي پڻ ان مرض ۾ ورتل آهي. نبي پاڪ چيو ڪارو ڀورو، ايراني عجمي، جو فرق هاڻي مٽائي رهيا آهيون، پيغمبر ان تي عمل ڪيو، رشتيداريون غير قبيلن سان ڪيون، پنهنجي خاندان کي ِزڪوات وٺڻ کان پري ڪيو ويو، اڳتي هلي وري طبقاتي نسلي نسبي نانگ ڦڻ ڪڍي ڦوڪارا ڏيڻ لڳو، بني هاشم ۾ علوي۽ عباسيت ڪر کنيا، سانئڻ فاطمه جي اولاد کي سيد سڏيو ويو، سندس گهر واري علي سائين جي ٻي اولاد کي اهو درجو ڏيڻ نه ڏنو ويو، ان سوچ کي ايترو مضبوط ڪيو ويو، جو سنڌ ۾ سنڌي مسلمان غير سيد ھئڻ ڪري ڪيترو به سٺن لڇڻن۽ خوبين جو مالڪ هوندي، سيد گهراڻو ساڻس رشتو ڪرڻ حرام سمجهي رهيو آهي، ان ڪري سنڌي سيدن بابت اهو تصور پيدا ٿيو ته نياڻي جو مناسب رشتو سيد ۾ نه ملڻ سبب سندس شادي قرآن سان ڪرائي ويندي آهي، ان کان پوءِ ٻين غير سيدن وڏيرڪن گهراڻن ۾ پڻ اها وبا وڌڻ لڳي هئي، ان ڪري ذات پات جو تعصب رڳي هندن ۾ هجڻ انصاف جي خلاف آهي.اسلام جن سان رشتن ڪرڻ کي حرام چيو آهي تن ۾ ماءُ، ڀيڻ، ڌيءَ، ماسي، پڦي، ڀائٽي، ڀاڻيجي، ٿڃ پيتل ٻار، سسون، اڳ ڄاين ڌيئرن کان سواءِ باقي ٻيا سڀ رشتا حلال ڪيا آهن.

مٿين ڳالهين کي نظر ۾ رکندي ٿيڻ ته هيئن کپي ته سوسائٽي جو نظام هلائڻ لاءِ مذهبي، نسلي، نسبي فوقيت بجاءِ صلاحيتن کي اهميت ملڻ گهرجي، ٻين مذهبن وارن منجهھ سٺين صلاحيتن هئڻ ۽ ايمانداري ڪردار هوندي مذهب جي فرق سبب کين نظرانداز ڪندي ڪرپٽ حڪمراني مذهبي مائٽي سبب ته قبول ڪئي ٿي وڃي پر ايمانداري کي مذهبي فرق هئڻ سبب ٿڏيو ٿو وڃي، اچو ته ان جي اصلاح ڪريون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اها ڪا نئين ڳالهه ته ڪونهي

نذير  سومرو اسان وٽ ڪا به سائنسي ڳالهه، دليلن سان ڪيل ڳالهه، علمي ڳالهه ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے