11 منگل , دسمبر 2018

جديد سنڌي صحافت ۾ رشيد راڄڙ جو ڪردار

زلف  پيرزادو

ڏانهن ڪر ٿيام، ساڃاهه سپيرين سين

تڏانهن ڪر تر جيترو، وير م وسريام،

اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري. (ڀٽائي)

رشيد راڄڙ سنڌ جي انهن اڪيچار صحافين مان هڪ هو، جن صحافت رڳو پيٽ گذر لاءِ نه ڪئي پر بامقصد صحافت ڪئي. اهو پورهيو رشيد نه رڳو قومي فرض سمجهي ڪيو پر انتهائي خبرداري، بي باڪي، سچائي ۽ ايمانداريءَ سان ڪيو.

رشيد راڄڙ سان منهنجي سڃاڻپ ڪنهن سياسي ڪارڪن طور نه پر هڪ صحافي طور ٿي جڏهن روزاني عوامي آواز جي نيوز ڊيسڪ تي سب ايڊيٽر طور ڪم ڪندو هيس ۽ رشيد عوامي آواز کي حيدرآباد مان بيورو چيف طور خبرون ڏيندو هو، ڇاڪاڻ ته ان وقت ڪميونيڪيشن اڃا ڏکي هئي، ان ڪري تازيون خبرون اداري تائين پهچائڻ جو واحد وسيلو ٽيليفون هئي.ان ڪري سنڌ جا ضلعي رپورٽر شام جو فون ڪري اداري کي خبرون لکائيندا هئا.

رشيد راڄڙ جو قدرتي طور ڳالهائڻ اهڙو هو جو سندس ڳالهه ٻڌڻ واري لاءِ سمجهڻ هڪ وڏو امتحان هو، سو وري فون تي لکائي خبرون ته سب ايڊيٽر لاءِ سندس خبر ٻڌڻ ۽ سمجهڻ ڄڻ ته اڃا وڏو امتحان هوندو هو، سو ٿيو ايئن جو جيئن ئي رشيد جي فون ايندي هئي ته پوري ڊيسڪ ڏڪي ويندي هئي، جيڪو فون کڻندو هو. سو رڙ ڪندو هو، نيوز ايڊيٽر رزاق سروهي کي ته سائين حيدرآباد کان رشيد راڄڙ صاحب خبرون لکائيندو. سئوٽ سروهي هڪدم حڪم ڪندو ادا سئوٽ زلف جي حوالي ڪيوس، پاڻهي منهن ڏيندو ۽ مون کي مرڪي چوندو سئوٽ سنڀاليو پنهنجي يار کي اسان کان ڳالهه ڳري آهي. پوءِ رشيد ۽ اسان فون تي پيا ڀوڳ به ڪندا هئاسين ۽ خبرون به لکندا هئاسين.

اها هئي رشيد سان دوستيءَ جي ابتدا پوءِ ته وري رشيد هليو ويو روزاني ڪاوش ۾، اتي رشيد بهرحال هڪ بهترين صحافيءَ طور پاڻ مڃايو. ان کان پوءِ وري رشيد سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو تڏهن مليو جڏهن کاٻي ڌر جي سياسي ماٺار بعد ڪجهه دوست واندا هئا ۽ چندو ڪري روزاني سنڌ اخبار شايع ڪيائون، رشيد ڪراچيءَ آيو ۽ رزاق سروهي کي سنڌ اخبار ۾ نيوز ايڊيٽر طور ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪيائين، پوءِ رزاق سروهي پنهنجي ٽيم ٺاهي ۽ اٽڪل عوامي آواز جي سموري نيوز ڊيسڪ ڄڻ ته سنڌ اخبار ۾ منتقل ٿي آئي. رشيد راڄڙ جي ايڊيٽرشپ هيٺ ڪامياب اخبار شايع ٿي پر اڳتي هلي مالي مسئلن سبب ادارو ٺهي نه سگهيو، نيٺ دوست هيڏي هوڏي ٿيا. مون کي زندگيءَ ۾ صحافت جو عجيب ۽ انوکو تجربو ڪرڻو پيو يعني بنا بقايا جي سنڌي اخبار ڪڍڻي پئي ۽ روزاني الک اخبار ۾ وڃي پهتس. اهو تجربو به ڪنهن حد تائين ڪامياب ٿيو پر مختلف سببن جي ڪري اها اخبار آخرڪار بند ٿي وئي.

زندگيءَ ۾ لاها چاڙها ايندا رهيا پر رشيد سان ياريءَ جو رشتو مضبوط ٿيندو رهيو، آخرڪار گهرڀاتين سميت هڪ ٻئي جي گهرن ۾ اچڻ وڃڻ، رهڻ جو سلسلو شروع ٿيو جيڪو اڄ به قائم آهي. هاڻ به جڏهن ٻارڙن کي موڪلون ٿينديون آهن ته چوندا آهن ابو! چاچا رشيد ته هليو ويو هاڻي ڄام شوري هلنداسين؟.

آئون چوندو آهيان بابا رشيد ڪاڏي به نه ويو آهي، هو منهنجي ۽ پنهنجن يارن جي اندر ۾ اوطاق قائم ڪري ويٺل آهي. اوهان کي موڪلون ٿينديون ته ضرور ڄام شوري هلنداسين.

هڪ ڀيري مون کي خبر پئي ته رشيد جي طبعيت خراب ٿي پئي آهي، اتفاق سان منهنجي امڙ به بيمار هئي ۽ ڪراچي سول اسپتال ۾ داخل هئي، مون رشيد کي موبائل تي ڪال ڪئي ۽ طبعيت جي پڇا ڪئي ته جواب ۾ چيائين ته دل جي تڪليف آهي، معاملو ڪراچيءَ ۾ ڪو نيشنل ميڊيڪل سينٽر آهي اتي حل ٿيندو، سو جڏهن تون ٽائم ڏيندين ته ايندس ۽ اسپتال ۾ مون سان تون گڏ هوندين، ٻيو ڪير به نه هوندو، مون چيو ته دل جو معاملو آهي جلد اچ، چيائين ته ڊاڪٽر جو نمبر موڪليان ٿو، ان کان ٽائيم وٺي مون کي ٻڌاءِ مون ڊاڪٽر منصور کان ٽائيم ورتو ۽ رشيد کي گهرايو، هڪ دوست کان ڪجهه ڏينهن لاءِ موٽرسائيڪل ورتي، رشيد آيو اين ايم سي وياسين، ڊاڪٽر چيو ته هن جي دل جو وال ٻن هنڌان بند آهي، لکن ۾ خرچ ٻڌايائين پر ڇاڪاڻ ته رشيد اداري جي پينل تي هو سو مون ڊاڪٽر کي چيو ته جيڪو به ڪرڻو آهي اهو ڪيو، ڊاڪٽر لکن ۾ خرچ ٻڌايو ۽ چيو ته هن جا وارث ڪاٿي آهن، انهن کي صحيح ڪرڻي پوندي، سو رشيد راڄڙ هڪدم ڊاڪٽر کي چيو ته منهنجو وارث اهو زلف آهي، اهو ئي صحيح ڪندو. ڊاڪٽر کلي چيو ته هي لاڙڪاڻي جو پيرزادو تون ڄام شوري جو راڄڙ هي تنهنجو وارث ڪيئن ٿيو. بهرحال جيئن تيئن ڪري دليل ڏئي ڊاڪٽر کي قائل ڪيوسين ته اسان هڪ ٻئي جا وارث آهيون، اوهان صحيح وٺو ۽ آپريشن ڪيو.

بس! پوءِ موٽرسائيڪل تي ڪنهن وقت امان وٽ سول اسپتال پهچان، ان کان ٿي وري رشيد وٽ پهچان، خير گهڻا ڏينهن ڪو نه لڳا، رشيد ٻن ڏينهن ۾ صحتياب ٿي ويو ۽ پنهنجي دوست منير ميمڻ جي اوتاري تي وڃي آرامي ٿيو ۽ پوءِ فائنل چيڪ اپ ڪرائي ڳوٺ روانو ٿيو، ان بعد جڏهن به چيڪ اپ لاءِ ايندو هو ته هڪل ڪندو هو، يار ڊاڪٽر کان ٽائم وٺ اچان ٿو، چيڪ اپ لاءِ اهڙي طرح رشيد راڄڙ سان سنڌ جي مختلف علائقن ۾ سفر جا موقعا به مليا هڪ اڌ سفر ۾ ته سئوٽ اقبال ملاح به شامل هو، اهي سفر به يادگار آهن، جيڪي اڄ به ياد ڪري سئوٽ اقبال ۽ اسان خوبصورت يادگيرين جا بند ڀڃي وجهندا آهيون، رشيد سان زندگيءَ ۾ جن به يارن وڙ ڪيا، انهن کي رشيد هميشه ياد رکيو ۽ مون سان ذڪر به ڪندو رهيو.

رشيد جو ڪراچيءَ جڏهن به اچڻ ٿيندو هو ته ٺڪاڻو علي بخش مورو جو هوندو ۽ پوءِ مرحوم ارشاد گلاباڻي، ارباب چانڊيو ۽ مون کي فون ڪندو هو، ابا آيا آهيون، سردار علي بخش جي اوتاري تي آهيون، اچو ته محفل مچايون، پوءِ اچي گڏ ٿيندا هئاسين، هڪ ٻئي سان چرچا، ڀوڳ، گارگند، ميهڻا ۽ ميارون ڏئي وري روانا ٿيندا هئاسين.

هڪ ڀيري رمضان شريف جو مهينو هو سردار علي بخش جو زم زمه پارڪ لڳ فليٽ هو، رشيد راڄڙ آيو، سڀ دوست گڏ ٿياسين محفل هلي ۽ ڪجهه دوست پنهنجي گهرن ڏانهن روانا ٿيا. ان ڏينهن رشيد ضد ڪيو ۽ ضد به سفا ٻاراڻو، مون کي چيائين رات گهر نه وڃ، اتي رهي پئه، هن جي ٻاراڻي ضد تي رهي پيس، روزي رکڻ جي وقت کان ٿورو اڳ سردار علي بخش کي فرمائش ڪيائين ته سمنڊ تي هلون، سردار به دير ڪا نه ڪئي، ڪلٽس گاڏي ورتي هيائين، سو ڊرائيور کي حڪم ڪيائين ته هلو سمنڊ تي ٿا هلون. ننڊاکڙن نيڻن سان سمنڊ ڪناري پهتاسين، رشيد پير پسائڻ بهاني سمنڊ ۾ گهڙي پيو ۽ پوءِ وڃي اڳتي وڌندو. سردار ۽  اسان کيس پوئتي ڇڪڻ لڳاسين، چيائين! اڄ مون کي ڇڏيو سمنڊ منهنجو، آئون سمنڊ جو، مون کي پاڻ سمنڊ حوالي ڪرڻ ڏيو!. پوءِ جيڪا مون سان ۽ سردار علي بخش سان ٿي، اها ڪيفيت بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي. وڏي مشڪل سان رشيد کي سمنڊ کان ٻاهر وٺي آياسين. بهرحال رشيد سان تمام گهڻيون يادگيريون لاڳاپيل آهن. رشيد صوفي منش صفا سچو، کرو ۽ ايماندار انسان هو. هن ڪڏهن به قلم کي پنهنجي ذاتي مفاد ۽ فائدي لاءِ استعمال نه ڪيو. سنڌي صحافت ۾ سندس نالو هڪ ڪميٽيڊ، ايماندار، آدرشي ۽ کري صحافي طور هميشه ياد رکيو ويندو. باقي ذاتي طور منهنجي ڪيفيت اڃا تائين لطيف جي هن بيت جيان آهي:

ڪارا ڪنديس ڪپڙا، هٿن سين هاڻ

هيم جا رهاڻ، سا ڀڃي هوت هليا ويا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اها ڪا نئين ڳالهه ته ڪونهي

نذير  سومرو اسان وٽ ڪا به سائنسي ڳالهه، دليلن سان ڪيل ڳالهه، علمي ڳالهه ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے