10 پیر , دسمبر 2018

عمران خان ۽ يُوٽرن

سجاد  ظهير

پاڪستان جي سياست ۾ مختلف اصطلا ح عام ٿيندا رهيا آهن، جيڪي مختلف وقتن تي عام ماڻهن کي منجهائندا رهيا آهن ۽ انهن اصطلاحن ڪرپٽ حڪومتن کي هٿي پڻ ڏني آهي، ماضي ۾ جڏهن اسان جي معلومات جو ذريعو فقط اخبارون هيون ته انهي وقت جيڪي اصطلاح اسان وٽ استعمال ٿيندا هيا، اهي عام ٿي ويندا هيا ۽ هڪ ڊگهي وقت تائين ماڻهن جي ذهن ۽ شعور کي هڪ سوچيل ايجنڊا تحت پيا هلائيندا هُئا. انهن اصطلاحن جو ذڪر ڪجي ته وقت ٿورو ٿيندو ۽ اصطلاح وڌي ويندا، پر انهن اڻ ڳڻين اصطلاحن مان ڪيئي اصطلاح اهڙا آهن جيڪي اڄ به عوام جي ذهن تي چٽيل آهن، اهڙن اصطلاحن ۾ سامراج، ٽين دنيا، وائيٽ هائوس، مافيا راڄ، نامعلوم افراد، پاڪستان کپي، لوٽا ڪريسي، واءِ ٽو ڪي بگ، ميموگيٽ، وڪي ليڪس، پاناماليڪس ۽ خلائي مخلوق عام آهن ۽ عوامي سطح تي استعمال ٿيندا رهن ٿا، انهن منجهان ڪيترائي اصطلاح اسان جي سياست توڙي عام ماڻهو جي استعمال جي وندر جو ذريعو بڻجي ويا آهن.  تازو ئي هڪ اصطلاح ”يو ٽرن“ استعمال ڪيو ويو آهي، ”يو ٽرن“ جو مطلب عام طور انگريزي جو هڪ اکر(U) جي صورت ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي، عام زندگي ۾ سفر دوران رستن تي گاڏين جي واپسي لاءِ ڊگها اهڙا گس جوڙيا ويندا آهن، جن جو مقصد انساني زندگين کي محفوظ بڻائڻ هوندو آهي، ته جيئن گاڏيون سڌو وڃي ٻئي پاسي کان انهي طريقي سان واپس موٽ کائين، انهي رستي جي ڊائريڪشن ۾ هلڻ دوران اهو چڪر ° 180 جي چُرپر تي لڳايو ويندو آهي. اڃا به وضاحت ڪجي ته “ اهڙي ريت گاڏي کي موٽائڻ، جتان آئي پئي، سندس موٽ ساڳي پاسي ٿي وڃي” اسان جي سياست ۾ تازو ئي turn  Uجو اصطلاح استعمال ڪيو ويو، اُهو اصطلاح ڪنهن ڌُر پاران استعمال ڪيو ويو؟، اهو اصطلاح عوام لاءِ ڪهڙا فائدا، سياست تي ڪهڙا اثر ۽ نقصان ڇڏي سگهي ٿو. انهي کي سمجهڻ ۽ انهي تي سوچڻ موجوده حالتن ۾ لازمي ٿي پيو آهي.

ملڪ جي چونڊيل وزير اغطم عمران خان پاران انهي اصطلاح جو استعمال ڪندي چيو ويو ته سياست ۾ يوٽرن وٺڻ ڪا به غلط ڳالھه نه آهي، سندس مطابق جيڪو ليڊر وقت جي حالتن کي ڏسي ”يو ٽرن“ نه وٺي، اُهو ليڊر ئي نه آهي، عمران خان پاران نپولين ۽ هٽلر جا مثال پڻ ڏنا ويا، سندس مطابق انهن يو ٽرن نه وٺي تاريخ منجهان شڪست کاڌي.

عمران خان جي اهڙي بيان کانپوءِ، جيڪڏهن زندگي جي مختلف سياسي پاسن جو جائزو وٺجي ته معلوم ٿي ويندو ته هن ڪهڙا ”يو ٽرن“ ڪنهن جي مفادن ۾ ورتا، هُو بهترين ڪرڪيٽر هو، سندس راءِ هوندي هُئي ته هُو سياست جي خلاف آهي، 1987 ع ۾ جنرل ضياءَ پاران کيس عهدي جي پيش ڪش وئي،عهدو نه ورتائين، نواز شريف پاران به کيس پنهنجي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي. جنهن  کي به قبول نه ڪيائين. نيٺ انڪار اقرار ۾ بدليو، 1996ع ۾ هن پاران سياست جو اعلان ڪيو ويو، جيڪو پاڪستان جي سياست ۾ يو ٽرن سان گڏ بريڪ ٿرو پڻ هو، سندس نعرو جنهن کي جنگ جو اعلان چئجي، اهو هو ته هُو هن گٺل پيٺل نظام جي خلاف ويڙهه ڪرڻ چاهي ٿو، اڳ تي هلي جنهن تي قائم نه رهي سگهيو، سندس ئي سياسي پنڌ ۾ ننڍا ننڍا يوٽرن ايندا ويا،  عمران خان پڻ هن ڪرپٽ نظام جو حصو بڻيو، 1997ع جي جنرل اليڪشن ۾ سموري پاڪستان منجهان فقط 314,820 ووٽ کڻي سگهيو، ڪنهن به هڪ سيٽ تي هُو ڪاميابي نه ماڻي سگهيو، هُن ڏٺو ته پنهنجي مدد پاڻ تحت جڏهن هُو ڪجهھ نه ڪري سگهيو، ته کيس يو ٽرن وٺڻو پيو، انهن قوتن وٽ وڃڻو پيو، جيڪي اڻ سڌي طور تي ملڪ جي حڪمرانن جي پويان رهيون آهن. سموري پاڪستان جو هيرو رهندڙ عمران خان پهريون ڀيرو جڏهن 2002ع ۾ ملڪ ۾ آمريت قائم هُئي، انهي سال جنرل اليڪشن ۾ ڊڪٽيٽرپرويزمشرف سان هٿ ملايو، ڳٺ جوڙ جي ”يوٽرن“ سان 242,472 ووٽن ذريعي کيس قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊرايو ويو.

2007ع دوران جنرل پرويز مشرف ان وقت سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي هٽايو، جنهن تي وڪيلن پاران سخت رد عمل ڏيکاريو ويو، وڪيلن پاران وقت جي جنرل خلاف ويڙهه جو اعلان ڪيو ويو، ملڪ جون اڪثريتي جمهوريت پسند قوتون ان تحريڪ جو حصو بڻجي ويون. پاڪستان پيپلز پارٽي کان ويندي مسلم ليگ (ن)، جن جا سرواڻ جلاوطن هُئا، انهن ٻنهي پارٽين جي سرواڻن ملڪ ۾ موجود قيادت کي هن تحريڪ ۾ مڪمل طور شامل ٿيڻ جي هدايت ڪئي، عمران خان وقت جو فائدو وٺندي مشرف آمريت جو ساٿاري هجڻ باوجود هن يوٽرن ورتو ۽ هن تحريڪ دوران سڀ کان گهڻو ڊڪٽيٽرشپ کي تنقيد جو نشانو بڻايائين.

2007ع ڌاري 12 مئي جي ڏينهن تي جڏهن هٽايل چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري ڪراچي آيو ته سمورين ڌرين کيس ڀليڪار ڪيو، ان وقت سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم حڪومت جي ڀائيوار هُئي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا انهن وٽ هُئا، ان ڏينهن ڪراچي ۾ دهشتگردي جا رڪارڊ قائم ٿيا، 70 کان وڌيڪ انسان قتل ڪيا ويا، چيف جسٽس ڪراچي هوائي اڏي تي ڦاٿل رهيو. عمران خان جي  انهي ڏينهن ايم ڪيو ايم خلاف ڪيل پريس ڪانفرنس، کيس الڳ سياستدان ڪري بيهاريو، اهو به سندس سياسي حڪمت عملي ۾ يوٽرن هو. سندس  مٿان ڪراچي ۾ اچڻ تي پابندي مڙهي وئي، انهي سال نومبر جي پهرئين هفتي دوران ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ٿي وئي، گرفتاريون ڪيون ويون. آءُ ان وقت ليبر پارٽي ۾هئس ملڪ جي جمهوريت پسندن گڏجي ( آل پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ “APDM”) نالي اتحاد جوڙيو. تحريڪ انصاف پڻ ان جو حصو هُئي. اي پي ڊي ايم پاران2007ع  جي اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو هو، ڇاڪاڻ جو ملڪ ۾ آئين معطل هو، ايمرجنسي لاڳو هُئي وڪيل تحريڪ جا مُک اڳواڻ جيلن ۾ قيد ۽ 50 کان وڌيڪ جج پي سي او تحت قسم نه کڻڻ تي هٽايا ويا هُئا. محترمه بينظير ڀٽو کي راول پنڊي ۾ شهيد ڪيو ويو،جنوري  2008ع جي پهرين هفتي ۾ ٿيندڙ اليڪشن ملتوي ڪئي وئي. 18 فيبروري 2008ع تي منعقد ٿيل اليڪشن ۾ عمران خان مڪمل طور ٻاهر هو.

2011 ع ۾ هن کي شايد ڪو سگنل مليو، هن پنهنجا جلسا ڪرڻ شروع ڪيا، پهريون دفعو ان وقت پاڪستان پيپلز پارٽي جي وفاقي حڪومت خلاف ڳالهايو، انهن جي ڪرپشن ۽ خراب حڪمراني کي سندس پاران بي نقاب ڪرڻ جون دعوائون ڪيون پئي ويون، جن کي هن ڪرپٽ حڪران پئي سڏيو، انهن پارٽين جي ناراض اڳواڻڻ کي شامل ڪندو ويو، پيپلز پارٽي حڪومت ۾ پرڏيهي وزير رهندڙ شاهه محمود قريشي کي تحريڪ انصاف جو نائب صدر بڻايائين. اڳتي هلي مخدوم جاويد هاشمي کي پڻ باغي جا لقب ڏئي سندس پارٽي ۾ آندو ويو، عمران خان جي تڪڙي تڪڙي يو ٽرن “پوئتي موٽ” واري فارمولي ۾ ڪيترا ئي اهڙا ڪارڪن نظرانداز ٿي ويا، جن کي اسان ڪراچي جي رستن، گهٽين ۽ چودڳين تي تشدد جو نشانو ٿيندي ڏٺو، ڪيترن کي شهيد به ڪيو ويو، (APDM) ۾ گڏ رهڻ دوران سندس ڪارڪنن جون جذباتي تقريرون پڻ اسان کي پريشان ڪري ڇڏينديون هيون. جڏهن عمران خان جا ”يو ٽرنس“ اڳوڻن ڪرپٽ ناڪام حڪمرانن جي ويجهي گهمڻ لڳا، ته اهي جاکوڙي ڪارڪن هوائن جي جهوٽن وانگي غائب اهڙا ٿيا، جو ڪراچي جي فضا ۾ ڪٿي نظر به نه آيا. سندس پاران اسلام آباد ۾ لڳايل ڌرڻن ۾ شامل ٿيندڙ بنگلن ۽ محلن منجهان ايندڙ بي ايم ڊبليو ۽ لئنڊ ڪروزر جي دز ۾ عام ڪارڪن پنڌ ۾ رهجي ويا.

2013 واري جنرل اليڪشن ۾ عمران خان جي پارٽي هڪ وڏي اڪثريتي سان ڪاميابي ماڻي، جنهن جو ادراڪ سُتت ئي ٿي ويو، ته هن جي پٺيان ڪهڙي قوت هُئي. 2013 ع کان وٺي 2018ع عمران خان پنهنجي تنقيد ۾ نواز حڪومت کي نشانو بڻايو، پر شايد ڳالهھ نه بڻي، کيس يوٽرن وٺڻو پيو ۽ هن دل کولي جمهوري قوتن جي خلاف تحريڪ هلائي، جنهن جي سرواڻ اڳيان ته عمران خان هو پر سندس پٺيان ڪي ٻيون قوتون هيون، جن کي عمران جذباتي ٿي چپڙاسي پئي سڏيو انهن سمورن کي پنهنجي پارٽي ۾ شامل ڪيائين. ايتري تائين جو ايم ڪيو ايم ڏانهن به سندس رويو نرم رهيو. جيڪڏهن اها پابندي واري ايجنڊا ۾ نه اچي ها ته اڄ سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ عمران جي حڪومتي ساٿاري ضرور هجي ها، پر تاريخ نسل پرستي جي سياست جو پاڻ انت آندو، جو پاڪيٽ سياست پاڻمرادو بلاڪ ٿي، بچيل نسل پرست ڪنهن ڪم جا ئي نه رهيا.

2018 ع جي اليڪشن ۽ نواز شريف جي خلاف لڳايل پابندين عمران خان کي ماحول ٺاهي ۽ جوڙي ڏنو، جيترو ماحول عمران خان کي مليو ان جو 30 سيڪڙو به جيڪڏهن نواز شريف کي ملي ها ته هُو کيس وڏي شڪست ڏئي وڃي ها. عمران خان جيڪو حڪومت سنڀالڻ کانپوءِ، هاڻي ملڪي نظام هلائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي سندس پاران ماضي ۾ ڏنل عام ماڻهو جي زندگي بدلائڻ وارا بيان، هن جي حڪومت ۾ ڪيل رڪارڊ مهانگائي، سندس پاران ڪيل عوام دوست تقريرون جيڪي هاڻي سندس ئي خلاف عوام دشمن عمل جي طور هڪ وڏو يوٽرن ثابت ٿيون. ٽي ڏينهن پهريان عمران خان پاران جنهن يوٽرن جي ڳالھه ڪئي وئي، جن ماڊل ڊڪٽيٽر ۽ نسل پرستن جا مثال ڏنا ويا، غربت ۾ واڌ ۽ شين جا اگهه وڌڻ انهي ڳالهه جو اهم ثبوت آهي ته يو ٽرن بلڪل وٺڻ گهرجي پر اهي عوام دوست هجڻ گهرجن، سندس 4 مهينن ۾ ورتل يوٽرن ظاهر ڪن ٿا ته هن جي حڪومت سامراجي قوتن ۽ استحصالي طبقن کي خوش ڪرڻ لاءِ ايجنڊائون جوڙي رهي آهي. جنهن وقت غريب ماڻهن جي جهڳين کي ڊاهي پٽ ڪيو ويندو هجي، ميريٽ جي نالي عام انسان دربدر هجي، نوڪريون اميرن جي درن جو ڳولائو، هجن، عورتون ڏاڍ ۽ جبر جو شڪار هجن، پورهيت يونين تي پابندي هجي، صحافين تي ڏکيا ڏينهن هجن، ميڊيا تي پابنديون جاري هجن، ماضي جا ڪرپٽ حڪمران وزير هن وقت حڪمراني تاج پائي ويهن، ته اهڙي ماحول ۾ چئي سگهجي ٿو ته عمران خان جا ماضي، حال ۽ مستقبل ۾ ورتل يو ٽرن عوام دشمن هئا، آهن ۽ هوندا. ملڪ جي جمهوريت پسند ۽ ترقي پسند ڌرين کي اهڙي عوام دشمن حڪومت خلاف ڀرپور جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ جو خاموشي ۾ ڪرپٽ حڪمرانن جا يوٽرن مظلوم عوام جي مسقبل کي چيڀاٽي ڇڏيندا. گڏيل آواز گهڻن جي تقدير بدلي سگهي ٿو،  اچو ته گڏجي آواز بلند ڪيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اها ڪا نئين ڳالهه ته ڪونهي

نذير  سومرو اسان وٽ ڪا به سائنسي ڳالهه، دليلن سان ڪيل ڳالهه، علمي ڳالهه ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے