23 بدھ , جنوری 2019

فقط ڪراچيءَ ۾ سرڪلر ريلوي جي بحالي، ڪافي نه آهي….

سنڌ جي تاريخ ۾ اهو پهريون دفعو هو جو  انگريز  جي حڪمران ٿيڻ بعد، انگريز سرڪار ڪيئي سماجي ادارن جو بنياد وڌو ۽ انهن جو هڪ مضبوط سرشتو جوڙيو، انهن ادارن جون اعلى ۽ شاندار عمارتون جوڙيون ۽ انهن ادارن کي فعال رکڻ ۽ عوام کي انهن ادارن ذريعي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ لائق ۽ اهل عملدارن جون مقرريون ڪيون، انگريز سرڪار جن ادارن کي جنم ڏنو انهن جو شاندار نظام قائم ڪري جهڙوڪر سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون دفعو سنڌي سماج جي ادارتي طور تشڪيل ڪئي، انگريز سرڪار جن ادارن کي جنم ڏنو انهن ۾ تعليم، عدليه، صحت، آبپاشي، مڪاني ادارا، بئنڪ ۽ مالياتي ادارا، مواصلات، روڊ رستا، تعميرات، ريلوي، جهاز راني، هوائي ڪمپني ۽ ريلوي ڪمپني شامل آهن،  انگريزن جي دور ۾ پائنير نالي سنڌ جي پنهنجي هوائي ڪمپني هُئي جيڪا بعد ۾ پي آءِ اي ۾ ضم ڪئي وئي، ان کان علاوه سنڌ ريلوي نالي، سنڌ جي پنهنجي ريلوي ڪمپني پڻ هُئي، جڏهن ته شهر ۾ ٽرام ۽ ڊبل ڊيڪر بسون هلندڙ هيون جيڪي 1965ع تائين هليون، بدقسمتيءَ سان سنڌ مان انگريز ڇا؟ ويو ڄڻ سنڌ جي ڪيل ترقي به پاڻ سان گڏ کڻي ويو، 1947ع جي ورهاڱي بعد جيئن جيئن وقت گذرندو ويو تيئن تيئن سنڌ تباهه ٿيندي وئي ۽ هاڻي ته سنڌ جي تباهيءَ جو ڪو ڇيهه ئي نه آهي،

اطلاع آهن ته سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ ايمپريس مارڪيٽ تان دخل اندازيون ۽ قبضا ختم ڪرائڻ بعد ڪراچيءَ جي سرڪولر ريلوي فوري بحال ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ريلوي جي زمينن تان قبضا ختم ڪرائن جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، اهڙو حڪم جسٽس گلزاراحمد جي سربراهي ۾ ٿيل هڪ اهم اجلاس ۾ ڏنو ويو جنهن ۾ پوليس سميت مختلف ادارن جا اعلي آفيسر شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ ڪراچي ۾ ڊپٽي ڪمشنرن جي ذريعي سمورن علائقن جي ريلوي لائنن کي ڪليئر ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڏني وئي آهي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ شهر ۾ ٽرام لائن جي بحالي جو به حڪم ڏنو آهي، سپريم ڪورٽ جي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته سياحتي مقصدن لاءِ صدر کان اولڊسٽي ايريا تائين ٽرام هلائي وڃي، ڪي ايم سي ۽ ضلعي انتظاميا جي مدد سان بوگيون تيار ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي جنهن جي روٽ جو تعين ڪراچي جي انتظاميا، ريلوي انتظاميا جي مدد سان ڪندي. جڏهن ته سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڪنهن به قسم جون حددخليون نظر نه اچڻ گهرجن. سڄي شهر ۾ حد دخلين جي خلاف ڪارروائي تيز ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. جڏهن ته ايف ٽي سي پل وٽ دڪانن کي ختم ڪرڻ، شاهراهه فيصل، راشد منهاس روڊ ۽ ڊي ايڇ اي ۽ سمورن ڪنٽونمنٽ بورڊن ۾ حد دخلين کي فوري طور ختم ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو آهي.

جستائين اسان جي معلومات آهي ته 1935ع 1936ع ڌاري ان وقت جي سنڌ حڪومت ڪراچيءَ ۾ سرڪلر ريلوي جو پنهنجي خرچ تي ڄار وڇايو هو ۽ انڊر گرائونڊ ريلوي لاءِ پڻ ڪيئي سيڪشنن جي کوٽائي ڪرائي هُئي، شهر جي سرڪلر ريلوي لاءِ هاڻوڪي گلشن اقبال، ۽ هاڻوڪي جوهر واري علائقي ۾ اڄ به ريلوي پٽڙيون قائم آهن ۽ اڄ به اسٽيشنز جا ٿلها موجود آهن جن تي قبضا ٿي چڪا آهن، 1970ع تائين ماڙي پور سرڪلر ريلوي اسٽيشن ڪم ڪندي رهي جيڪا بعد ۾ بند ڪئي وئي، ان کان سواءِ ڪراچيءَ جي لوڪل ريلوي جيڪا ڪراچي ڌاٻيجي، ۽ ڪراچي حيدرآباد، ڪراچي ميرپورخاص، ڪراچي بدين هلنديون هيون پر پوءِ آهستي آهستي اهي سموريون اسٽيشنون بند ڪيون ويون، ٻئي پاسي لاڙڪاڻي کان قمبر، شهداد ڪوٽ، ۽ جيڪب آباد جو ريلوي روٽ ڪم ڪندڙ هيو، ان کانسواءِ شڪارپور وايه  حبيب ڪوٽ، سکر وايه حبيب ڪوٽ ۽ حيدرآباد کان پڻ ڊويزن جي ٻين شهرن لاءِ ريلوي سرور هلندڙ هُئي اهي سموريون ريلوي سروسز سنڌ حڪومت جي پنهنجي ريلوي ڪمپنيءَ جي انتظام هيٺ هلندڙ هيون، جيڪي 1947کان 1970ع تائين مڪمل طور تي بند ڪيون ويون، ايتري قدر جو 1970ع کان پوءِ ته سنڌ جي سوين شهرن جا ريلوي اسٽاپ به ختم ڪيا ويا، جيڪا ريل پشاور، يا لاهور کان ٿي آئي اها سڌو ڪراچيءَ ٿي پهتي وچ رستي ۾ سمورا اسٽاپ بند.

انهيءَ سموري عرصي ۾ سنڌ جي ريلوي ۽ سنڌ جي مکيه اسٽيشنز جا اسٽاپ بند ٿيڻ جو سنڌ کي نقصان اهو پهتو ته ڪراچي شهر ۾ سنڌين بجاءِ ڌارين جي آبادي ايتري قدر وڌي وئي جو آباديءَ جو توازن ئي بگڙجي ويو، هاڻي ته ايتري قدر بگڙجي ويو آهي جو 1947ع بعد ڪراچي ايندڙ مهاجر پڻ اقليت ۾ تبديل ٿي ويا آهن. هاڻي دنيا مٽجي وئي آهي،  جنهن ۾ اها ضررورت پيش اچي رهي آهي ته دنيا کي اِهو ڏيکاريو وڃي ته ڪراچيءَ نالي پاڪستان جو ڪو صنعتي شهر آهي جيڪو تمام وڏو خوبصورت ۽ ترقي يافته آهي، اهو ئي سبب آهي جو ڪراچيءَ ۾ تبديليءَ جي اهڙي هوا گهُلي رهي آهي.

اسان جو خيال آهي ته ڪراچيءَ ۾ جيڪي حددخليون هٽائڻ ۽ هاڻي سرڪلر ريلوي بحال ڪرڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، اهي شاندار آهن، اسين سمجهون ٿا ته رڳو ڪراچي شهر جو ريلوي نظام بحال ڪرڻ سنڌ سان زيادتي ٿيندي پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سموري سنڌ جو ريلوي نظام اهڙي ئي نموني بحال ڪيو وڃي جيئن 1935ع ۾ ان وقت جي سنڌ حڪومت جو جوڙايل هو ، سنڌ جي ريلوي نظام بحال ٿيڻ سان نه فقط سنڌ جي ٻين شهرن جو پنهنجي گاديءَ واري شهر سان فوري رابطو بحال ٿيندو پر ان سان سنڌ جي سماجي زندگيءَ ۾ هڪ معاشي انقلاب پڻ اچي ويندو، اسين ان ڏس ۾ سنڌ حڪومت کي فقط اها گذارش ڪرڻ چاهينداسين ته ڪراچيءَ جي ريلوي نظام بحال ڪرڻ سميت سڄي سنڌ جو ريلوي نظام بحال ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چيف جسٽس آف پاڪستان جو اصولي خطاب

اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار ملڪ جي 25- ھين چيف جسٽس طور …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے