10 پیر , دسمبر 2018

چيف جسٽس طرفان منشا بم کي 10 ڪروڙ رپيه ڊيم فنڊ ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ثاقب نثار پاڻي چوري ڪرڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ تي مشهور ڪاروباري شخصيت منشا بم جي سيمينٽ فيڪٽري تي 10 ڪروڙ رپين جو ڏنڊ وجهڻ تي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس اڪلائي ڇڏيو ۽ ڏنڊ جي رقم ڊيم فنڊ ۾ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽريءَ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بئنچ ڪٽاس راج ۽ زمين مان پاڻي ڪڍڻ بابت سيمينٽ فيڪٽرين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران عدالتي حڪم تي رپورٽ پيش ڪئي وئي.  رپورٽ ۾ چيو ويو ته سيمينٽ فيڪٽري ٽيوب ويل ۽ زمين مان پاڻي ڪڍيو جنهن بعد عدالت سيمينٽ فيڪٽري کي ٽيوب ويل ذريعي پاڻي ڪڍڻ کان روڪي ڇڏيو. عدالت ميان منشا جي سيمينٽ فيڪٽري کي پاڻي چوري ڪرڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ تي 10 ڪروڙ رپيه ڏنڊ ڊيم فنڊ ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. عدالت پاران فيڪٽري کي 2 ڪروڙ رپيه غلط بياني ۽ 8 ڪروڙ رپيه پاڻي استعمال ڪرڻ تي ڏنڊ وڌو آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته  سيمينٽ فيڪٽرين جو پاڻي بند ڪري رهيا آهيون، سيمينٽ فيڪٽري وارا چون ٿا ته پاڻي برسات مان جمع ڪيو، سيمينٽ فيڪٽري وارا ڪوڙ ڳالهائين ٿا، هن وقت تائين استعمال ڪيل پاڻي جو ڏنڊ ادا ڪرڻو پوندو، سيمينٽ فيڪٽري 10 ڪروڙ رپيه ڊيم فنڊ ۾ جمع ڪرائي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جڏهن لڳو ٽيم منهنجي ڪري هارائي ٿي ته ڪپتاني ڇڏي ڏيندس: سرفراز احمد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته جڏهن مون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے