23 بدھ , جنوری 2019

حددخلين خلاف آپريشن، ڪراچي جي مشهور لنڊا بازار جا دڪان به خالي ٿيڻ شروع

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچيءَ جي علائقي لائيٽ هائوس ۽آرام باغ ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته دڪاندارن پنهنجا دڪان خالي ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. ڪي ايم سي شهر جي سڀ کان قديم لنڊا بازار  لائيٽ هائوس ۽ آرام باغ ۾ حددخلين خلاف آپريشن جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي جنهن بعد لائيٽ هائوس، لنڊا بازار ۽ آرام باغ ۾ غير قانوني دڪانن خلاف آپريشن شروع ڪيو ويندو. آپريشن کان اڳ لائيٽ هائوس لنڊا بازار جي دڪاندارن دڪان خالي ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ سامان منتقل ڪري رهيا آهن.  لائيٽ هائوس ويجهو نالي تي 296 دڪان ٺاهيا ويا آهن. ڪي ايم سي اختيارين جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن سمورن دڪاندارن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا هئا، لائيٽ هائوس ۾ 250 ۽ آرام باغ ۾ 180 کان وڌيڪ دڪان نالي تي قائم آهن، حددخلين خلاف آپريشن ڳري مشينري ذريعي ڪيو ويندو ۽ امڪاني مزاحمت کي نظر ۾ رکندي پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري موجود رهندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ساهيوال آپريشن …….. راجا بشارت وري ٻيو بيان ڏئي ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي قانون واري وزير راجا بشارت جو چوڻ آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے