14 جمعہ , دسمبر 2018

ٽويوٽا ڪرولا 2020 جو نئون ماڊل پاڪستان ۾ متعارف ڪرائي ڇڏي  

لاهور(ويب ڊيسڪ)ٽويوٽا ڪرولا پنهنجو نئون ماڊل 2020 پاڪستان ۾ متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي ، ٽويوٽا ڪرولا جا 5 مختلف ماڊل وڪرو لاءِ پيش ڪيا ويندا، جنهن مان 3 ماڊل جي انجڻ 1800 سي سي جڏهن ته 2 ماڊل 2 هزار سي سي انجڻ هوندي، دنيا جي مشهور ڪار ٽويوٽا ڪرولا نئو ماڊل 2020 پاڪستان ۾ به متعارف ڪرايو ويو آهي، ٽويوٽا ڪرولا 2020 جا 5 مخلتف ماڊل پاڪستان ۾ پيش ڪيا آهن، پاڪستان ۾ ٽويوٽا ڪرولا “ايل” “ٽويوٽا ڪرولا اي”، ٽوئٽا ڪرولا “ايڪس ايل اي”، ٽويوٽا ڪرولا “ايڪس ايس اي” ۽ ٽويوٽا ڪرولا “ايس اي” نالي ماڊلن جي شڪل ۾ متعارف ڪيا ويا آهن، ٽويوٽا ڪرولا ايل، ٽويوٽا ڪرولا ايل اي، ٽويوٽا ڪرولا ايڪس اي اي 1800 سي سي انجڻ تي ٻڌل هوندي، جڏهن ته ٽويوٽا ڪرولا ايڪس ايس اي ۽ ٽويوٽا ڪرولا ايس اي جي انجڻ 2 هزار سي سي هوندي، ٽويوٽا ڪرولا جي ان تمام ماڊلن ۾ 8 ائير بيگ شامل ڪيا ويا آهن ، جڏهن ته بهترين هيڊلائٽن سميت ٻيون به خوبيون شامل آهن، جئين ته ٽويوٽا طرفان ڪرولا 2020 جي ماڊلن جي قيمتن جو اعلان اڃاتائين ناهي ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سافٽ ويئر جي خرابي سبب ڊيٽا متاثر، گوگل پلس کي 4 مهينا اڳ ئي بند ڪرڻ جو اعلان

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ) گوگل سماجي رابطن جي ويب سائيٽ فيس بڪ جي ڀيٽ ۾ لانچ ڪيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے