11 منگل , دسمبر 2018

اوجاڳو شگر سميت ڪيترن ئي خطرناڪ مرضن جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)امريڪي ماهرن جديد طبي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پوري ننڊ نه ڪرڻ شگر سميت ڪيترن ئي ٻين خطرناڪ بيماريون جو سبب بڻجي سگهي ٿي، امريڪي  يونيورسٽي جي ماهرن طرفان ڪيل تحقيق  ۾ ماهرن جو چوڻ آهي 24 ڪلاڪن دوران هر شخص کي گهٽ ۾ گهٽ 6 ڪلاڪن تائين ننڊ ڪرڻ گهرجي ان کان گهٽ ننڊ ڪرڻ سان انسان شگر يا ٻين جسماني بيمارين جو شڪار ٿي سگهي ٿو، طبي تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته اهڙا ماڻهو جيڪي ڪنهن زخم ۾ مبتلا آهن انهن کي گهرجي ته هو پوري ننڊ ڪن ننڊ پوري نه ڪرڻ سان زخم کي ڀرجڻ کي وڌيڪ وقت لڳي سگهي ٿو،  ماهرن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڇاتي ۽ پراسٽيٽ ڪينسر جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ رات جي کاڌي ۽ سمهڻ جي وچ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2 ڪلاڪن جو وقفو لازمي آهي جيڪي ماڻهو رات جو کاڌو 9 بجي کان پهريان کائيندا آهن يا وري سمهڻ کان ٻه ڪلاڪ پهريان کائيندا آهن انهن ۾ ڇاتي يا پراسٽيٽ ڪينسر جو خطرو 20 سيڪڙو تائين گهٽ هوندو آهي، ڪينسر جي خطري ۽ کاڌي جي اوقات جي وچ ۾ تعلق مبني هي پنهنجي نوعيت جي پهرين تحقيق آهي، ماهرن جو چوڻ آحي ته ان جا نتيجا بيمارين کان بچاءَ جي ڪوششن لاءِ ڪار آمد ثابت ٿي سگهن ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سياري جي مند جا ڳاڙها ميوا ۽ انهن جا فائدا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سياري جي موسم ۾ بازارن ۾ گهڻا ئي ميوا ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے